اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورس??ين تي زور ڏنو آهي ته سڄي دنيا خاص طور تي پ??ڪستان ۾ هنرمندي افرادي قوت جي ضرورتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڀرندڙ مارڪيٽ رجحانن موجب وڌيڪ هنرمند پيشيور ماڻهو تيار ڪن، هنرمندي انساني وسيلن جي وڌندڙ گهرج پورو ڪرڻ لاءِ آن لائن ۽ فاصلاتي تعليم کي فروغ ڏيڻو پوندو. اها ڳالهه هن ايوان صدر ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي جي سينيٽ جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار ۽ يونيورسٽي جي سينيٽ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته يونيورسٽيون ??ڀرندڙ مارڪيٽ رجحانن موجب وڌيڪ هنرمند پيشيور ماڻهو تيار ڪن، پاڪستان سان گڏوگڏ سڄي دنيا ۾ هنرمند ماڻهن جي سخت ضرورت آهي، هن چيو ته شاگردن جو تعدا?? وڌائڻ جو منصوبو تيار ڪرڻ لاءِ اسڪلز يونيورسٽي هڪ ڪميٽي جوڙي، هنرمندي افرادي قوت جي مارڪيٽ گهرج پوري ڪرڻ لاءِ مختصر ڪورسز شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي، صدر چيو ته سڄي ملڪ جي يونيورس??ين ۾ ٻه شفٽون ??روع ڪرڻيون پونديون، هنرمند انساني وسيلن جي وڌندڙ گهرج پورو ڪرڻ لاءِ آن لائن ۽ فاصلاتي تعليم کي فروغ ڏيڻو پوندو، اجلاس ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي جي سينيٽ جي ٽئين اجلاس جي منٽس جي به منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ مير چاڪر خان رند يونيورس??ي آف ٽيڪنالاجي، ڊيره غازي خان سان مفاهمت جي يادداشت جي به منظوري ڏني وئي، يادداشت تحت ادارن جي وچ ۾ تحقيق، تعليم ۽ پيشيوراڻي مهارت جي تربيتي پ??وگرامن کي فروغ ڏنو ويندو.