لاهور – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سليم ميموريل ٽرسٽ ا??پت??ل جي تع??ير ۾ معاونت ڪندڙن دنيا ۽ آخرت ۾ ڀلائي ڪمائي، ا??پت??ل جي تع??ير انسانيت جي تمام وڏي خدمت آهي. هو لاهور ۾ ڪينال روڊ تي سليم ميموريل ٽرسٽ ا??پت??ل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي خواجه عمران نذير، چيئرمين سليم ميموريل ٽرسٽ ا??پت??ل شهزاد سليم، ناليوارو صنعتڪار ميان منشا، ڪمشنر لاهور ڊويزن ڪيپٽن (ر) محمد عثمان يونس سميت ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته آزاد ڪش??ير ۽ گلگت بلتستان سميت چئني صوبن مان هزارين ماڻهو ايندڙ ڏينهن ۾ ان ا??پت??ل مان فائدو کڻندا، جديد اوزارن سان ليس ان ا??پت??ل ۾ مستحق مريضن جو علاج مفت ۾ ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت ۾ عوامي ڀلائي جا منصوبا دير جو شڪار ٿيا، اسان کي ذاتي مفاد کان مٿانهون ٿي قوم جي بهتري لاءِ سوچڻو پوندو، ملڪي وسيلن کي ذاتي پسند ۽ ناپسند جي ور نه ٿو چاڙهي سگهجي، ورڇ جوڳي اوڳاڙين ۽ ٻاهرئين قرضن جي ادائيگي کانپوءِ وفاقي حڪومت وٽ م??دود وسيلا رهجي وڃن ٿا، 20 ارب رپين جي لاڳت سان تع??ير پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور ٽرانس پلانٽ انسٽيٽيوٽ کي تعطل ۾ وڌو ويو. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ انهن جي حڪومت 1122 منصوبي کي اختيار ڪيو، اسان جو فوڪس عوام جي ترقي ۽ خوشحالي هجڻ گهرجي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته چئني صوبن ۾ اهڙين سهولتن سان ليس ا??پت??لون تع??ير ڪيون وڃن، ميان محمد منشا هڪ ناليوارو صنعتڪار آهي، سندس وڏو احترام آهي. وزيراعظم چيو ته ٽرسٽ جي چيئرمين سليم شهزاد جي والد مرحوم پڻ اسڪول ۽ هيلٿ يونٽ ٺاهيا، ڏکويل انسانيت ۽ مريضن جي لاءِ صحت جون بهترين سهولتون فراهم ڪري اهي ماڻهو جنت ۾ گهر ٺاهي رهيا آهن، جيڪو صدقه جاريه به آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اربين رپيا خرچ ڪري پي ڪي ايل آئي ا??پت??ل جي تع??ير ڪئي وئي ۽ ا??پت??ل ۾ ورلڊ ڪلاس مشينري فراهم ڪئي وئي، هتي پنجاب سميت سڄي ملڪ مان هزارين مريضن جو علاج مهيا ڪيو پئي ويو جيڪو سياست جي ور چڙهي ويو، حڪومت تبديل ٿيڻ کانپوءِ اها هڪ دردناڪ ڪهاڻي آهي، ڊاڪٽر سعيد اختر هڪ فرشته صفت انسان آهي، هتي ڊاڪٽرز ۽ فزيشنز کي ڀڄايو ويو جنهن سان لکين مريضن جو نقصان ٿيو. وزيراعظم شهباز شريف ان موقعي تي چيو ته ناليواري صنعتڪار ميان منشا جو پاڪستان جي ترقي ۾ اهم رول آهي، هن پاڪستان ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي، هو ان کي تجويز ڏي ٿو ته اهڙي قسم جون 4 ا??پت??لون پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ به ٺاهي جنهن تي ميان منشا وڌيڪ ا??پت??لون ٺاهڻ جي حامي ڀري. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف سليم ميموريل ٽرسٽ ا??پت??ل جو افتتاح ڪيو ۽ ا??پت??ل ۾ دل جي مرض، گڙدن، ڪينسر سميت مختلف شعبن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم سان سليم ميموريل ٽرسٽ ا??پت??ل جي چيئرمين شهزاد سليم ا??پت??ل جي ڊاڪٽرن، عملي ۽ مهمانن جو تعارف ڪرايو. سليم ميموريل ٽرسٽ ا??پت??ل ڇهه منزلا عمارت جديد مشينري سان ليس 350 بسترن تي ٻڌل ا??پت??ل تي ساڍا چار ارب رپيا لاڳت آئي آهي.