اسلام آ??اد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چ??و آهي ته خادم پاڪستان شهباز شريف مانسهره، خيبرپختونخواهه ۾ عورت يونيورسٽي، هزاره مظفرآ??اد موٽروي، اسپتال ۽ اسڪولن جي قيام سميت ڪيترن ئي منصوبن جو افتتاح ڪيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي ترقي، تعمير ۽ عوامي خدمت جو پوڻا سال کان رڪيل عمل سڄي ملڪ ۾ ٻيهر شروع ٿي ويو آهي. هن چيو ته هاڻي خيبرپختونخواهه ۾ هڪ ئي نعرو آهي، نواز شريف، شهباز شريف ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) اچي ۽ پنجاب جهڙي ترقي خيبرپختونخواهه ۾ به ش??وع ٿئي.