اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي دنيا کي هڪ گلوبل وليج ٺاهي ڇڏيو آهي، پاڪستان جي ??ارليامينٽ ڏکڻ ايشيا جي پهرين پارليامينٽ آهي جنهن کي ڊجيٽلائيزيشن ڪيو پيو وڃي، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ گوگل ماهرن جي ??فد سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي سربراهي ٽيڪ ويلي جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ پارليامي??ٽ جي ڊجيٽلائيزيشن بابت معاملن کي غور هيٺ آندو ويو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ??ه قومي اسيمبلي جي ڊجيٽلائيزيشن سان ميمبرن ۽ اسٽاف جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو. ڊجيٽلائيزيشن سان اسيمبلي جي ڪارروائي وڌيڪ موثر ۽ نتيجا خيز ٿيندي. هن چيو ??ه قومي اسيمبلي ۾ گوگل آفيس متعارف ڪرائن سان ڏکڻ ايشيا جي پهرين پيپر ليس پارليامينٽ ٺهي ويندي، ڊجيٽلائيزيشن ۽ گوگل آفيس پارليامينٽ جي ??احول کي تبديل ڪري ڇڏيندي. ڊجيٽلائيزيشن جي ??نظوري کي جلد مڪمل ڪرڻ جي خواهش رکان ٿو، هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي دنيا کي هڪ گوبل وليج ٺاهي ڇڏيو، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي استعمال سان پارليامي??ٽ جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهبو، ان موقعي تي سي اي او ٽيڪ ويلي شريڪ ٿيندڙن کي بريفنگ ڏني، بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي ??ارليامينٽ ڏکڻ ايشيا جي پهرين پارليامينٽ آهي جنهن کي ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي، ٽيڪ ويلي پارليامي??ٽ جي ڊجيٽلائيزيشن جيڪا گوگل پارٽنر آهي، قومي اسيمبلي جي ??ختلف آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ عملي جي ڊجيٽلائيزيشن جي تربيت جو انعقاد ڪيو ويو آهي.