اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان حڪومت جي ترجمان فرح عظيم شاهه ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ان ڏينهن کي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن قرار ڏيندي چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تي مودي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت کي تبديل ڪري ڪشميرين تي ظلم جو نئون دور شروع ڪيو. ??ار?? جو آئين والاريل رياست کي خصوصي حيثيت ڏيي ٿو ?? ڪير مستقل شهري اهي ?? ڪير زمين خريد ڪري سگهي ٿو، انهن ٻنهي آرٽيڪلز ??ي ختم ڪر?? کانپوءِ ڪشميرين تي بدترين ظلم شروع ٿي ويا. هن چيو ته ڪشمير هڪ وڏي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، ڪشميرين تي طلم گذريل هڪ صديءَ کان جاري آهن پر آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جي منسوخ ٿي?? کانپوءِ صورتحال خراب ٿي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ ڪشمير جي آزادي جو جهنڊو ڦڙڪائي رهيا آهيون.