اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ موسم جي دٻاءُ جو سڌوسنئون نتيجو آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته گڏيل ??ومن جي سيڪريٽري جنرل جو دورو دنيا آڏو ان ڳالهه کي اجاگر ڪرڻ ۾ ??دد ڪندو ته آلوده گئس جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو هجڻ جي باوجود پاڪستان عالمي ??طح تي ??وسمياتي ??حاظ کان 10 غيرمحفوظ ملڪن ۾ شامل آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان پاڪستان جي موسمياتي خطرن کي گهٽ ڪرڻ، موافقت جي صلاحيت کي وڌائڻ ۽ موسمياتي تبديلي کان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي بحالي ۾ ??دد جي لاءِ ترقياتي حصيدارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پيغام کي دنيا تائين پهچائڻ جي لاءِ عالمي تعاون کي ساراهيون ٿا.