نيويارڪ – 22 – سيپ??مب?? (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبل?? جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير جي پي ڪوفوڊ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن ڊينمارڪ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن ۾ گذريل ڏهاڪن دوران مسلسل اضافو ٿيو آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ويجهو تعاون جاري رکڻ جي ??واهش جو اظهار ڪيو. پاڪستان ڊينمارڪ کي هڪ اهم ٻطرفي پارٽنر سان گڏوگڏ يورپي يونين جي هڪ اهم ميمبر طور اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير ڊينمارڪ سان پاڪستان جي ??ياسي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۽ تعليمي تعاون کي وڌائڻ جي ??زم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ڊينمارڪ پاڪستان کي اقتصادي طور تي خاص طور تي قابل تجديد توانائ?? جي شعبي ۾ شامل ڪرڻ ۽ ڊينمارڪ جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائ?? جي مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ??واهش رکن ٿيون. پرڏيهي وزير زور ڏنو ته عالمي برادري کي افغانستان کي نه وسارڻ گهرجي ۽ افغانستان کي درپيش سنگين انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏ هجڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان جي ??وام لاءِ انساني امداد جي فراهمي جاري رکي آهي. پرڏيهي وزير والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ??نگين خلاف ورزين طرف به ڌيان ڇڪرايو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي ڏس ۾ ڊينمارڪ جي ??مداد کي به ساراهيو.