اسلام آباد– 15 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دفاعي نمائش ”آئيڊياز“ عا??مي دفاعي مارڪيٽ ۾ اهم پليٽ فارم جي حيثيت اختيار ڪري ??ئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گذريل سالن دوران دفاعي نمائش ”آئيڊياز“ هڪ اهڙي اهم پليٽ فارم جي حيثيت اختيار ڪري ??ئي آهي جنهن سان عا??مي دفاعي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي وڌندڙ اڳڀرائي اجاگر ٿئي ٿي. وزيراعظم چيو ته دفاعي نمائش آئيڊياز 2022ع جو موضوع ”امن جي ??اء?? هٿيار“ پاڪستان جي امن ۽ سلامتي جي خوا??ش جو اظهار آهي. هن چيو ته خوشي جي ڳالهه آهي ته اسان جو دفاعي شعبو ٽيڪنالاجي جي موجوده دور جي گهرجن موجب آهي.