شرم الشيخ- 11 نومبر (اي پي پي) ماحولي??تي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان مستقبل ۾ ماحولي??تي تباهين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائميٽ فائنانس اتحاد جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي پنهنجي معاشرن ??ي آبهوا جي هنگامي صورتحال کان محفوظ رکڻ لاءِ ٺوس بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪوپ – 27 جي فورم تي گڏيل قومن جي ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ آبهوا جي تبديلي جي حوالي سان تقريب ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته ماحولي??تي تباهين جي سونامي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائميٽ فائنانس اتحاد جي ضرورت آهي، ا??شيا پيسفڪ ريجن ۾ ماحولي??تي تبديلين بابت واقعن ۾ شديد اضافو ٿي رهيو آهي، ا??و اسان جي لاءِ انتهائي ضروري موافقت جو دور آهي. شيري رحمان چيو ته ان ڳالهه جو فڪر آهي ته اسان پنهنجي معاشرن ??ي آبهوا جي هنگامي صورتحال کان ڪ??ئن محفوظ رکنداسين، اسان آبهوا جي دٻاءُ جي گرائونڊ زيرو تي آهيون. هن چيو ته دي ليونگ انڊس اهڙن منصوبن ۾ شامل آهي جيڪي ڪاربان کي گهٽ ڪندا آهن، ا?? منصوبي جي مقصدن ۾ ماحولي??تي نظام جي بحالي، درياجو تحفظ ۽ لچڪيدار مستقبل شامل آهن. هن چيو ته ڪوپ – 27 پبلڪ ۽ پرائيويٽ فنانسنگ جي نظام کي جوڙڻ گهرجي ڇو ته اسان کي مستقبل ۾ ماحولي??تي تباهين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائميٽ فائنانس جي ضرورت پوندي.