ا??لا?? آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي سکر ۽ حيدرآباد ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سکر ۽ حيدرآباد ۾ 306 ڪل?? ميٽر ڊگهي سکر حيدرآباد موٽروي ايم 6 جي پيڙهه جو پٿر رکندو. سکر حيدرآباد موٽروي پشاور ڪراچي موٽر وي (پي ڪي ايم) جو آخري حصو آهي جنهن کان پوءِ پاڪستان جا سڀئي وڏا ?? اهم شهر موٽرويز سان ڳنڍجي ويندا. ڄاڻايل من??وب?? پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي تحت 30 مهينن جي ننڍي مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم پهرين سکر ۽ حيدرآباد ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪندو ۽ خطاب ڪندو.