اسلام آباد– 19 – جنوري (اي پي پي) پر??يهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پر??يهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان هن وقت سرڪاري دوري تي برسلز ?? آهي، اهو دورو يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ ۾ سفير طور سندس دور جو هڪ اهم سنگ ميل آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پر??يهي سيڪريٽري گذريل ڪجهه ڏينهن دوران يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ جي اڳواڻن ۽ اعليٰ سطحي عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن سان ٻطرفي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترجمان چيو ته پر??يهي سيڪريٽري پاڪستان بيلجيئم پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي چيئر سينيٽر ايليسيا ڪليز ۽ بيلجيئم جي فلينڊرس ريجن جي صدر جان جيمبون سان ملاقات ڪئي. هن يورپي ايڪسٽرنل سروس جي سيڪريٽري جنرل سانينو ۽ لڪسمبرگ جي پر??يهي وزارت ۾ سيڪريٽري جنرل اولنگر سان پڻ ملاقات ڪئي. پر??يهي سيڪريٽري يورپي يونين جي سينيئر عهديدارن سان پڻ ملاقاتون ڪيون آهن جن ۾ يورپي ڪائونسل بابت چيف فارن پاليسي ايڊوائيزر جي صدر سائمن مورڊيو کانسواءِ يورپي ڪميشن جي صدر جي سفارتي صلاحڪار فرنينڊو گيماريس پڻ شامل آهن.