اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف سان ماسڪو ۾ ملاقات ڪئي ۽ بامقصد ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ڌرين ڳالهه ٻولهه ۾ تعليم، معيشت، توانائي ۽ رابطن سميت ??خت??ف شعبن ۾ پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ قدمن تي اتفاق ڪيو. افغانستان جي صورتحال ۽ ايس س?? ??و ۾ تعاون سميت علائقائي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.