اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، جنهن پاڪستان جي هر سٺين ۽ خراب حالتن ۾ مدد ڪئي، پاڪستان ۽ چين جي اسٽريٽجڪ حصيداري مثالي آهي ۽ پاڪستان ان کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت اربين ڊالر جي سيڙپڪاري چين جي حڪومت ۽ عوام جي پاڪستان سان محبت جو واضح ثبوت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪي??، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وز??راعظم چيو ته هو سڀاڻي ڪراچي ۾ چين جي حصيداري سان تعمير ٿيل ٿري نيوڪليئر پاور پلانٽ جو افتتاح ڪندو، ان منصوبي سان ڪراچي ۾ نيوڪليئر پاور پلانٽ سان بجلي جي مجموعي پيداوار 2200 ميگاواٽ ٿي ويندي. هن چيو ته سي پيڪ تحت چين پاڪستان ۾ بجلي جي شارٽ فال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪي??، جنهن تي مون سميت سڄي قوم چين جي حڪومت ۽ عوام جي ٿورائتي آهي. ملاقات ۾ چائنا اٽامڪ انرجي اٿارٽي (سي اي اي اي) جي وائيس چيئرمين ليوجنگ، پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جي ناظم الامور پانگ چن شوئي ۽ لاڳاپيل چيني اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وز??ر اسحاق ڊار، احسن اقبال، انجنيئر خرم دستگير، خاص معاون طارق فاطمي، طارق ??اج??ه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ وز??راعظم کي چين جي پاڪستان ۾ نيوڪليئر انرجي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري تي بريفنگ ڏني وئي. وفد وز??راعظم کي ڪي ٿري کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ذاتي دلچسپي ۽ ڪوششن تي ان کي خراج تحسين پيش ڪي??.