اسلام آباد – 04– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سگريٽ جي صنعت ۾ ٽيڪس چوري جي روڪٿام ??اءِ فوري قدم کڻڻ ۽ ايندڙ ٻن هفتن ۾ ملڪ ۾ سگريٽ جي سمورن ڪار??ان?? تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لڳائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سگريٽ سازي جي صنعت ۾ ??ود??ار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ، پوائنٽ آف سيلز ۽ مجموعي طور تي ٽيڪس جو ڪاٿو وڌائڻ جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته ??سمگلنگ ۽ غيرقانوني سگريٽ جي وڪري جي روڪٿام ۾ ايف بي آر کي هر قسم جو تعاون فراهم ڪيو وڃي. هن ملڪ جي سمورن وڏن شعبن ۾ ??ود??ار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ ٽيڪس اوڳاڙيون وڌائڻ جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم حڪم ڏنو ته ??ارڊر ڪراسنگ تي سٺي شهرت رکندڙ آفيسرن جي ٽينور پوسٽنگ ڪئي وڃي. هن پڇاڻو ڪيو ته ??مورين شگر ملز تي ??ود??ار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم ڇو نه هنيو ويو؟ وزيراعظم شگر ملز تي هيستائين ??ود??ار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم نه لڳڻ جي لاءِ ذميوارن جو تعين ڪري انڪوائري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن حڪم ڏنو ته ٽيڪس چوري ڪندڙ عنصرن ۽ انهن جي ڪارندن کي ڪيفرڪردار تائين پهچايو وڃي، ملڪ ۽ قوم جي پئسي جي چوري ڪندڙن کي ڪنهن به قسم جي ڪا رعايت نه ڏني ويندي. هن هدايت ڪئي ته ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي حوالي سان قانوني ۽ عدالتي ڪارروائي کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. اجلاس ۾ سگريٽ جي ڪار??ان?? ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ??يو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت ملڪ ۾ اڪثر فيڪٽرين تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لڳايو ويو آهي جڏهن ته ??اقي تي ان کي لڳائڻ جو عمل جاري آهي، آزاد ڪشمير ۾ موجود فيڪٽرين تي ان کي لڳائڻ جي لاءِ ڳالهيون حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪيون آهن. اجلاس کي ايف بي آر پاران غيرقانوني سگريٽ جي وڪري ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ??يو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ??يف بي آر 7 لک نئين ٽيڪس ڏيندڙن کي پنهنجي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو آهي ۽ هلندڙ سال پنهنجي هدف کي پورو ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. اجلاس کي شگر ملز تي ??ود??ار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ جي حوالي سان اڳڀرائي تي پڻ آگاهه ڪيو ??يو. وزيراعظم سمورين شگر ملز ۾ هيستائين ??ود??ار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم نه هڻڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته معيشت جي سمورن وڏن سيڪٽرز ۾ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لڳائڻ جي لاءِ عالمي شهرت يافته ??دارن جون خدمتون ورتيون وڃن. ان قدم سان ملڪي معيشت جي ڊاڪيومينٽيشن ۾ بهتري ايندي ۽ ملڪي آمدني ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم ايندڙ ٻن هفتن ۾ انهن قدمن تي مثبت اڳڀرائي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾و فاقي وزيرن اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله خان، مخدوم مرتضيٰ محمود، اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين جهازيب خان، طارق پاشا ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.