ڪراچي – 03 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل کي ملڪ جي نظام عدم ۽ انصاف تي ڪارو ڌٻو قرار ڏيندي چيو ??هي ته ڀٽو خاندان جي هاڻي ٽئين نسل اعليٰ عدليه کان انصاف جي منتظر آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران ج??ري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرد??ري پارٽي جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 44 هين شهادت جي ڏهاڙي تي ج??ري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ملڪ کي متفقه آئين ڏيندڙ وزيراعظم جي عدالتي قتل جي حوالي سان صدارتي ريفر??س گذريل 12 سالن کان سپريم ڪورٽ ۾ التوا هيٺ ??هي ۽ انهن 4382 ڏينهن دوران اسان جي نظام عدل ۽ انصاف وٽ ڀٽو جي فرياد ٻڌڻ جي لاءِ هڪ منٽ به ميسر نه آهي. هن چيو ته ٻڌايو وڃي ته انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀٽو خاندان جي وڌيڪ ڪي??رين نسلن کي انتظار ڪرڻو پوندو؟ چيئرمين بلاول ڀٽو زرد??ري چيو ته تاريخ ڀٽو جي بيگناهي جي حق ۾ ايترا ثبوت پيش ڪري ڇڏيا آهن جو ان جي بدترين دشمن کي به هاڻي اهو چوڻو پوي ٿو ته قائد عوام سان ظلم ٿيو. اعليٰ عدليه کي اپيل ڪريان ٿو ته 2 اپريل 2011ع تي اڳوڻي صدر آصف علي زرد??ري پاران آرٽيڪل 186 تحت موڪليل صدارتي ريفرنس کي جلد ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيو وڃي. پيپلزپارٽي چيئرمين قائد عوام کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مدبر قيادت ۾ پاڪستان سياسي، سفارتي، معاشي، دفاعي ۽ معاشرتي لحاظ کان ڪي??رائي سنگ ميل عبور ڪي??. عوام ۾ سياسي شعور، ملڪ جو پهريون متفقه آئين، زرعي ۽ معاشي سڌارا، ائٽمي پروگرام جي شروعات، پاڪ چين دوستي جو بنياد ۽ پاڪستان کي اسلامي دنيا جو سفارتي طور تي گادي وارو شهر بڻائڻ شهيد ڀٽو جي ڪارنامن جا ڪجهه مثال آهن. بلاول ڀٽو زرد??ري چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت جو ڏهاڙو وچن ورجائڻ جو ڏينهن ??هي ته پاڪستان پيپلزپارٽي جمهوريت، 1973ع جي آئين، پارلياماني بالادستي، مزدورن، آبادگارن، اقليتن ۽ عورتن جي حقن ۽ معاشري ۾ ڀائيچ??ري ۽ برابري تان ڪنهن به قيمت تي دستبردار نه ٿيندي.