اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ صاف ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته روايتي ٻارڻ تي پاڪستان جو دارومدار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ موثر ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ ٽي??نا??اجي کي فروغ ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي مقامي اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل ٺاهيندڙ ڪمپن?? جي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته گرين ٽرانسپورٽ آلودگي گهٽ ڪرڻ ۽ پاڪستان کي صاف بڻائڻ ۾ م??د ڏيندي، گرين ٽرانسپورٽ سان ڪاربن جو اخراج، ماحولياتي آلودگي ۽ ٻارڻ جو درآمدي بل گهٽ ڪرڻ ۾ م??د ملندي. هن چيو ته ملڪ جي ترق?? جي لاءِ نئين ٽي??نا??اجيز ضروري آهن، ڪاروباري برادري صنعتي اپ گريڊ??شن ۽ جدت تي ڌيان ڏي، جديد ٽرانسپورٽ ٽي??نا??اجيز پاڪستان ۾ نئين صنعتن کي فروغ ڏيڻ ۾ م??دگار ثابت ٿي سگهي آهي. صدر چيو ته جديد ٽرانسپورٽ سان نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ، ملڪي سماجي ۽ اقتصادي حالت بهتر بڻائڻ ۾ م??د ملي سگهي ٿي.