اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) جي جنرل مئنيجر (جي ايم) خالد محمود لکڻ جي خلاف هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب پاران هنيل سزا جو حڪم برقرار رکيو آهي. جنسي هراسمينٽ ڪيس ۾ جي ايم پي ٽي وي کي نوڪري تان ??رطرفي ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ڏني وئي آهي. خالد محمود کي پي ٽي وي سينٽر ملتان ??ي هڪ عورت ميڪ اپ آرٽسٽ کي هراسان ڪرڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب هڪ هفتي جي اندر جوابدار تي سزا لاڳو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي هئي. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب صدر جي ايم پي ٽي وي جي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي. هن پنهنجي فيصلي ۾ چ??و ته اسان ??و مذهب ۽ قانون ٻئي اهڙي قسم جي عمل جي سختي سان ??وص??ا شڪني ڪن ٿا، معاشري ۾ سماج دشمن ۽ عورتن کي هراسان ڪندڙن کي واضح پيغام ڏيڻ ضروري آهي، پاڪستان ??ورتن طرف اهڙي اڻوڻندڙ رويي کي برداشت نه ڪندو. صدر چ??و ته جوابدار پاڻ ڪارروائي کي ڊيگهه ڏني ۽ بار بار التوا جو فائدو ورتو. هن چ??و ته منصفاڻي ٽرائل جو حق انصاف جو مڃي?? اصول آهي پر قانوني عمل جي غلط استعمال جي پڻ اجازت نه آهي، ضروري آهي ته اسان ??ورتن جي لاءِ عوامي ۽ نوڪرين وارين جاين کي محفوظ بڻايون، بار بار التوا جي رجحان ??ي حوص??ا شڪني جي ضرورت آهي. صدر چ??و ته ان ڪيس ۾ هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب صحيح حڪم جاري ڪيو، فيصلو قانون ۽ حقيقتن تي ٻڌل آهي.