اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي فوري عملدرآمد سان خيبرپختونخواهه ۾ اٽي جي بحران تي ضابطو ??ندو ويو آهي، پنجاب کان خيبرپختونخواهه کي بنا رڪاوٽ فراهمي جاري آهي جڏهن ته وزيراعظم چيو آهي ته اٽي جي پهچ جي عمل ۾ ڪا ??ه ڪوتاهي بردا??ت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنجاب کان خيبرپختونخواهه کي اٽي جي فراهمي جي هدايت ڪئي هئي، پنجاب کان خيبرپختونخواهه کي اٽي جي بنا رڪاوٽ فراهمي جاري آهي. خيبرپختونخواهه ۾ اٽي جي پهچ جي مرحلن جي نگراني وزيراعظم پاڻ ڪري رهيو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته اٽي جي پهچ جو ڪم تيز ڪيو وڃي، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون نگران حڪومتون ان حوالي سان رابطو ??هتر بڻائين، ان ڪم ۾ ڪا ??ه ڪوتاهي بردا??ت نه ڪئي ويندي.