اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ موبائيل فونز جي عارضي رجسٽريشن جو نظام جاري ڪري ڇڏيو جڏهن ته وزيراعظم چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ ره??دڙ پاڪستانين جي لاءِ جلد نان فنانشل پئڪيج جاري ڪنداسين، زراعت، آءِ ٽي ۽ معدنيات جا شعبا پاڪستان جو روانگي واپار وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هو سمنڊ پار پاڪستانين جي موبائيل فونز جي لاءِ عارضي رجسٽريسن جي نظام جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪري ره??و هو. سمنڊ پار پاڪستانين جي نشاندهي تي ??اتي موبائيل فون تي ڪسٽم ڊيوٽي جو مدو 2 مهينن مان وڌائي 120 ڏينهن ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ ره??دڙ پاڪستانين جي لاءِ عارضي رجسٽريشن آن لائين نظام جاري ڪيو آهي ان تي ??ءِ ٽي واري وفاقي وزير ۽ وزارت جي اعليٰ عملدارن، ايف بي ار، پي ٽي اي کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هي هڪ اهم ڊيوائس آه?? جيڪا سمنڊ پار لکين پاڪستانين جي لاءِ هڪ بهترين سهولت آهي. انهن ک?? اها سهولت گهر ويٺل ملندي. اهي 4 مهينن تائين بنا ٽيڪس ڏيڻ جي پنهنجو فون استعمال ڪري سگهندا. ان ۾ 120 ڏينهن جي واڌ پڻ ڏني ويندي. ان ۾ مخصوص ڪيسز بدران سڀني کي اها سهولت ملڻ گهرجي. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي کي دنيا جي اسرندڙ ملڪن ۾ هن وقت تمام گهڻي سپورٽ ملي آهي. پاڪستان جي آبادي جا ڪروڙين ٻار انفارميشن ٽيڪنالاج?? جي تعليم حاصل ڪري ره??ا آهن ۽ ان ۾ تيزي سان اڳتي وڌي ره??ا آهن. ان سيڪٽر ۾ ڪيترائي موقعا آهن، ان ک?? ضايع نه ٿيڻ ناهي ڏيڻو. آءِ ٽي واري وزارت محنت سان خدمتون سرانجام ڏئي ره?? آهي. بجيٽ ۾ وزيراعظم يوٿ اسڪيم تحت نوجوانن جي فني تربيت جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن. معاشي بحالي جو پروگرام مشڪل سان وجود ۾ آيو آهي. زراعت، آءِ ٽي، معدنيات ۽ روانگي واپار ان جا لازمي عنصر آهن. آءِ ٽي واري وزارت جو ان ۾ اهم ڪردار آهي. آءِ ٽ?? جي تربيت جي لا??ِ تيزي سان ڪم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته موبائي فونز تي ٽيڪس نه هڻڻ جي راءِ صحيح آهي پر ان تي فيصل?? جي لاءِ وڌيڪ گڏيل مشاورت ۽ غور فڪر جي ضرورت آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ لکين ٻارن ک?? ميرٽ تي ٻيهر ليپ ٽاپ ڏنا پيا وڃن. اسڪول جي ٻارن ۽ استادن ک?? ٽيبليٽ جي فراهمي جو پروگرام پڻ شروع ٿيڻ گهرجي ها. اسڪولن ۾ حاضر?? جي نظام کي به ڊيجيٽلائيز ڪيو وڃي ته اهو هڪ انقلابي قدم هوندو. ان ۾ ڪا هيرڦير نه ٿي ڪري سگهجي. ووڪيشنل ٽريننگ جي لاءِ آءِ ٽي پارڪ ۾ تيزي آندي وڃي. وزارت جي ٽيم سخت محنت سان ڪم ڪري ته اسان ان سيڪٽر ۾ تيزي سان ترقي ڪري سگهون ٿا. سمنڊ پار پاڪستانين ک?? موبائيل جي عارضي رجسٽريشن جي سهولت ٻيون ڀيرو به بنا ڪنهن فرق ڏيڻ گهرجي، جيڪڏهن ان ۾ فرق رکيو ويو ته اهو ڳاڙهي ڦيٿ?? جي ور چڙهي ويندو. ٻاهرئين ملڪ ره??دڙ پاڪستانين ک?? وطن واپسي تي ??يڪي به سهولتون ڏئي سگهجن ٿيون اهي ڏيڻ گهرجن. ان جي لاءِ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ نان فنانشل پئڪيج جو اعلان ڪري ره??ا آهيون. تقريب کي آءِ ٽي واري وفاقي وزير سيد امين الحق خطاب ڪندي چيو ته ان عارضي رجسٽريشن جي نظام سان ٻاهرئين ملڪ مان ايندڙ پاڪستانين ک?? 120 ڏينهن تائين پنهنجو فون بنا ٽيڪس ادا ڪرڻ جي استعمال ڪرڻ جي اجازت هوندي جڏهن ته اهي ان ۾ 120 ڏينهن جي واڌ به ڪرائي سگهن ٿا. هي هڪ سٺو قدم آهي. هن چيو ته ڊيجيٽل پاڪستان جي ويزن ک?? عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ موبائيل فون تي ٽيڪس نه هجڻ گهرجي. پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو موبائيل فون تيار ڪرڻ جي ڪم جي شروعات ٿي آهي. 28 مختلف ڪمپنيون هتي فون تيار ڪري ره??ون آهن. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فون برآمد ڪيا ويا. ايندڙ مهيني اقتدار کان جدا ٿي وينداسين ۽ وڏي اميد آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي سربراهي ۾ ٻيهر اقتدار ۾ اچي ان ڪم کي اهڙي طرح جاري رکنداسين. وزيراعظم جو ويزن آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافو ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ آهي جڏهن ته ان جو ويزن سمارٽ فون فار آل آهي. پي ٽي اي چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان پڻ تقريب کي خطاب ڪيو.