اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته باجوڙ ۾ جي يو آءِ (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن تي حم??ي جي جيت??ي مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ ??هي، سياسي پارٽين تي حم??ي مان واضح آهي ته دشمن پاڪستان ۾ جمهوري نظام خلاف آهن جنهن جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي. ذميوارن جي نشاندهي ڪري انهن ک?? قانون مطابق سخت کان سخت سزا ڏني ويندي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستاني قوم، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ اسان جا محافظ دشمن جي اهڙين بزدلاڻي هٿڪنڊن ک?? ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. مون سميت پوري قوم واقعي ۾ شهيدن جي پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جي شري?? آهي. وزيراعظم چيو ته مولانا فضل الرحمان سان ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ۾ نه صرف مان ان سان تعزيت ڪئي پر واقعي جي تفصيلن بابت ڄاڻ ورتي، مان وڏي وزير، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سان به ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ واقعي تي رپورٽ سان گڏوگڏ زخمين ک?? بهترين طبي سهولتون ۽ هيلي ڪاپٽر ذريعي اسپتال پهچائڻ جي هدايت ڪئي آهي.