اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي لاءِ جامع ملڪ گير پروگرام شروع ڪيو ويو آه?? جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ فلٽر ڪلينڪ قائم ڪيون وينديون، ان جي لاءِ وفاقي حڪومت 35 ارب رپيا رکيا آه?? جڏهن ته 15 ارب رپين جو انڊومنٽ فنڊ اڳ ۾ ئي قائم ڪيو ويو آه??. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن منهنجي لاءِ انتهائي اطمينان جو ڏينهن هو. پاڪستان ڪڊني اينڊ لي??ر انسٽيٽيوٽ اينڊ ريسرچ سينٽر (پي ڪي ??يل آئي) جنهن جو تصور 2015ع ۾ پاڪستان جي جان هاپڪنز (آمريڪي اداري) طور ڪيو ويو هو هڪ سنگ ميل عبور ڪيو. مون پي ڪي ??يل آئي يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکيو ته جيئن پي ڪي ??يل آئي جي مدد سان علم جي تخليق، تحقيق جي مرڪز طور تي ڪم ڪري سگهجي. هن چيو ته هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي لاءِ هڪ جامع ملڪ گير پروگرام پڻ گذريل ڏينهن ٻيهر شروع ڪيو ويو جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ فلٽر ڪلينڪ قائم ڪيون وينديون جنهن جي لاءِ وفاقي حڪومت 35 ارب رپيا رکيا آه?? جڏهن ته 15 ارب رپين جو انڊومنٽ فنڊ اڳ ۾ ئي قائم ڪيو ويو آه??، اها رقم غريبن جي مفت علاج جي لاءِ فراهم ڪئي ويندي. هن ڊاڪٽر سعيد اختر، ڊاڪٽر فيصل ڊار ۽ پي ڪي ??يل آئي جي ڊاڪٽرن، ماهرن ۽ عملي سان گڏوگڏ حڪومتي عهديدارن کي انهن جي عظيم قو??ي خدمتن تي ساراهيو. هن چيو ته اسان گڏجي پي ڪي ??يل آئي کي قوم جو فخر بڻائينداسين.