اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونائيٽيڊ ان??ورنس ڪمپني کي صارف کي 45 لک رپيا 8 سالن جي منافعي سان گڏ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي وفاقي ان??ورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف يونائيٽيڊ ان??ورنس ڪمپني آف پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر فيصلي ۾ چيو ته ڪمپني معاملو 8 سالن تائين لٽڪ??ئي رکيو ۽ شهري جي انشورنس جي رقم تي منافعو ڪمايو، ان??ورنس ڪمپني شهري کي 45 لک ڪليم جي رقم سان گڏ 8 سالن جو منافعو پڻ ادا ڪري. تفصيل موجب ڪراچي جي شهري امتياز احمد پنهنجي گاڏي جي لاءِ 45 لک رپين جي انشورنس پاليسي ورتي، شهري گاڏي کسجي وڃڻ تي ان??ورنس ڪمپني کان 45 لک جي رقم ادا ڪرڻ جو چيو، ڪمپني امتياز احمد پاران گاڏي جي قيمت وڌيڪ ٻڌائڻ جو بهانو بڻ??ئي انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. شهري ان??اف جي لاءِ وفاقي ان??ورنس محتسب سان رجوع ڪيو جنهن شهري جي حق ۾ فيصلو ڏنو. ان??ورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف ان??ورنس ڪمپني صدر کي اپيل ڪئي. صدر ان??ورنس ڪمپني جي اپيل کي رد ڪندي ڪليم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. صدر چيو ته ان??ورنس ڪمپني گاڏي جو پريميم شهري کان 45 لک رپين جي حساب سان وصول ڪيو.