نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي ??ي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم پاڪستان جي م??يش?? کي سهارو ڏيڻ جي لاءِ آءِ ايم ايف پاران 3 بلين آمريڪي ڊالر جي اسٽينڊ بائي ايگريمنٽ (ايس بي اي) جي منظوري تي ٿورا مڃيا. هن ايم ڊي آءِ ايم ايف کي پ??ڪستان حڪومت پاران ملڪي م??يش?? جي استحڪام ۽ بحالي جي لاءِ کنيل مختلف قدمن کان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم تصديق ڪئي ته انهن قدمن جو مقصد پائيدار اقتصادي ترقي ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ هڪ مستحڪم ۽ سازگار ماحول پ??دا ڪرڻ آهي. وڌيڪ اهو ته معاشري جي ڪمزور طبقن جي حفاظت تي ڀرپور ڌيان ڏنو ويو آهي. آءِ ايم ايف جي منئيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا م??يش?? جي بحالي جي لاءِ پاليسين ۽ سڌارا لاڳو ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ٺوس ڪوششن کي ساراهيو. هن يقين ڏياريو ته آءِ ايم ايف پاڪستان سان لاڳاپن کي جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي.