اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي رياست اتر پرد??ش جي وڏي وزير جي سنڌ واپس وٺڻ جي حوالي سان ڏنل ريمارڪس تي شديد ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان ممتاز زهره بلوچ جاري بيان ۾ چيو ته اسان لکنئو ۾ قومي سنڌي ڪنوينشن ۾ اتر پرد??ش جي وڏي وزير، ڀارتي حڪمران پارٽي جي اهم ميمبر ۽ متعصب ” هندوتوا“ نظريي جي پيروڪار جي انتهائي غيرذميواراڻي ريمارڪس جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ??رج??ان چيو ته اها ڳالهه به ايتري ئي مذمت جوڳي آهي ته ”رام جنم ڀومي“ جي نام نهاد بحالي کي وڏي وزير ان خطي کي ٻيهر حاصل ڪرڻ جي سانچي جي طور تي پيش ڪيو آهي جيڪو پاڪستان جو حصو آهي. ??رج??ان چيو ته تاريخ گواهه آهي ته هندو جنونين ??ي هجوم 6 ڊسمبر 1992ع تي ايوڌيا ۾ تاريخي بابري مسجد کي شهيد ڪري ڇڏيو هو ۽ نڪ جي ڏاڍائي سان دعويٰ ڪئي هئي ته هن رام جي ڄم پيدائش کي واپس وٺڻ جي ل??ءِ ائين ڪيو. ??رج??ان چيو ته اتر پرد??ش جي وڏي وزير جا اشتعال انگيز ريمارڪس واضح طور تي ”اکنڊ ڀارت“ ( بنا ورڇ هندستان) جي اجائي دعويٰ کان متاثر آهن. هن چيو ته اهي ريمارڪس هڪ نظرثاني ۽ توسيع پس??دا??ي ذهنيت کي ظاهر ڪن ٿا جيڪو نه رڳو ڀارت جي پاڙيسري ملڪن پر ان جي پنهنجي مذهبي اقليتن جي سڃاڻپ ۽ ثقافت کي پڻ مٽائڻ چاهي ٿو ۽ اهو ته هو تاريخ جو هڪ الٽو نظريو به ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته اها ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي ته بي جي پي ۽ آر ايس ايس سان تعلق رکندڙ ماڻهو پنهنجي تفرقه انگيز ۽ متعصباڻي سياسي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي ل??ءِ اهڙي طرح جي خيالن کي تيزي سان فروغ ڏئي رهيا آهن. ??رج??ان چيو ته ڀارتي اڳواڻ کي ڏاڍ پس??دا??ي ۽ توسيع پس??دا??ي ارادن کي هٿي وٺرائڻ چڙهائڻ بدران پاڙيسري ملڪن سان تڪرارن کي حل ڪرڻ گهرجي ۽ انهن سان گڏجي هڪ پرامن ۽ خوشحال ڏکڻ ايشيا جي تعمير جي ل??ءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.