اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي عراق ۽ پاڪستا?? جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي ??اڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏ??ند?? چيو آهي ته ٻئي ملڪ گڏيل ??ذهب ۽ ثقافت ۽ مختلف معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار عراق جي لاءِ پاڪستا?? جي نامزد سفير محمد ذيشان احمد سان ملاقات دوران ڪيو، جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. هن چيو ته عراق ۽ پاڪستا?? جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي ??اڳاپا وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ عراق مختلف معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا، ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ عوامي ۽ واپاري رابطن کي فروغ ڏئي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. صدر چيو ته نامزد سفير عراق ۾ رهندڙ پاڪستانين ۽ زائري?? جي سهولت تي خاص ڌيان ڏي. صدر نامزد سفير کي عراق ۾ پاڪستاني سفير طور تي مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ا?? جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.