اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جمهوريه ڪوريا ۽ پاڪستان جي سفارتي لاڳاپن جا 40 سال مڪمل ٿيڻ تي ٻنهي ملڪن جي عوام کي مبارڪباد ڏ??ند?? چيو آهي ته پاڪستان جمهوريه ڪوريا سان پنهنجي ??اڳاپن کي قدر جي ??گاهه سان ڏسي ٿو. جمهوريه ڪوريا جي سفارتخاني پاران پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي ??چ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 40 سال مڪمل ٿيڻ تي منعقد تقريب ۾ شرڪت جي ??وقعي تي ڳالهائ??ند?? اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته جمهوريه ڪوريا پنهنجي دورانديش ۽ پرعزم قيادت جي ڪري اقتصادي ۽ صنعتي شعبن ۾ ترقي جا هدف حاصل ڪيا. هن چيو ته پاڪستان ڏکڻ ڪوريا کي اقتصادي ۽ فني ترقي جي ڳولا ۾ هڪ قابل قدر اتحا??ي طور ڏسي ٿو. تقريب ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، پرڏيهي سفارتڪارن سميت ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا جي 40 سالا سفارتي لاڳاپن جي ??ناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.