راولپنڊي-27 نومبر (اي پي پي)خيبر پختونخوا جي علائقي بنون ويجهو بڪاخيل ۾ سيڪيورٽي قافلي تي آپگهاتي حملي ۾ 2 ڄڻا شهيد ۽ 3 اهلڪارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. آپگهاتي حملو ڪندڙ جي سڃاڻپ افغان شهريءَ طور ٿي، جنهن ج?? تعلق ڪالعدم ٽي ٽي پي جي حافظ گل بهادر گروپ سان آهي. آءِ ايس پي آر م??ابق بڪاخيل ۾ موٽر سائيڪل تي سوار آپگهاتي حملو ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي حملو ڪندي پاڻ کي ڌماڪيدار م??دي سان اُڏائي ڇڏيو. آپگهاتي حملي ۾ 2 معصوم ??هري شهيد ٿي ويا ۽ 3 فوجي اهلڪارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر م??ابق علائقي ۾ امڪاني طور تي موجود ڪنهن ٻئي دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن جاري آهي. پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز دهشتگرديءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي.