اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ماحولياتي تبديلين جي ??نفي اثرن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماحولياتي تبديليون زمين جي ??اءِ وڏو خطرو آهي، اسان کي معاشري جي سمورن طبقن کي ماحولياتي تبديلين جي اثرن بابت آگاهي ڏيڻي پوندي، پي ٽي وي ۾ ڪلائميٽ چينج ڊيسڪ قائم ڪرڻ ان ڏس ۾ پهريون قدم آهي، ايندڙ چونڊون فيبروري 2024ع ۾ ٿينديون، پاڪستان جي ??ئي?? ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، اسان سمورن رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪن??اسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ٽيليويزن ۾ ڪلائميٽ چينج ڊيسڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪن??ي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات وارو وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد، موسمياتي تبديلي وارو وفاقي سيڪريٽري سيد آصف حيدر، پي ٽي وي جو ڊائريڪٽر ڪرنٽ افيئرز عون ساهي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي کان آگاهي پيدا ڪرڻ جي ??اءِ اڄ پهريون قدم کنيو ويو آهي جنهن تي پي ٽي وي انتظاميا مبارڪباد جي ??ستحق آهي. هن چيو ته پي ٽي وي انتظاميا مختصر وقت ۾ ڪلائميٽ چينج ڊيسڪ قائم ڪري ان کي علائقائي اسٽيشنن سان ڳنڍيو ۽ ان ڊيسڪ تي قابل رپورٽرز کي مقرر ڪيو جيڪي عوام کي موسمياتي تبديلين جي خطرن ۽ چئلينجن بابت آگاهي فراهم ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير نجي ??يڊيا تي زور ڏنو ته اها موسمياتي تبديلي جي ??سئلن جي ڪوريج لاءِ ان طرز جي ??اڊل کي اختيار ڪن. هن چيو ته سرڪاري ميڊيا به نجي ??يڊيا سان گڏجي ??احولياتي تبديلي جي ??نفي اثرن بابت آگاهي پيدا ڪري. هن موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ اطلاعات واري وزارت جي ??چ ۾ ماحولياتي تبديلي جي چئلينجن بابت آگاهي فراهم ڪرڻ جي ??اءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته انفارميشن سروس اڪيڊمي ان موضوع ۽ محقيقن کي تربيت فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ڪلائميٽ چينج ڊيسڪ سان واڳيل رپورٽرز موسمياتي تبديلين کان متاثر علائقن جي ??قامي ماڻهن سان ملن ۽ انهن کي موسمياتي تبديلين جي خطرن بابت آگاهي فراهم ڪن. ان ڏس ۾ والدين، استادن ۽ مختلف شعبن جي ??اهرن سميت سوشل ميڊيا ۽ ٻين ڊيجيٽل ميڊيا پليٽ فارمز کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان کي معاشري جي سمورن طبقن کي موسمياتي تبديلي جي اثرن ۽ چئلينجن کان آگاهه ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پي ٽي وي ۾ ڪلائميٽ چينج ڊيسڪ صحيح رخ ۾ هڪ بهترين قدم آهي. پي ٽي وي کي موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن بابت خصوصي پروگرام ۽ دستاويزي فلمون تيار ڪرڻ گهرجن. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته ايندڙ سال فيبروري ۾ عام چونڊون ٿيڻيون آهن ۽ ان جي ??اءِ اسان جي ??اليسي واضح هجڻ گهرجي، چونڊن جي ڊوڙ ۾ اسان جو ڪير پسنديده نه آهي، پاڪستان جي ??ئي?? ۾ لکيل آهي ته هن ملڪ کي ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، اسان سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪن??اسين ۽ ان ڳالهه جي عڪاسي اطلاعات واري وزارت جي سمورن ادارن بشمول پي ٽي وي جي ??روگرامن، خبرن ۽ پاليسي ۾ پڻ هجڻ گهرجي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان رڳو رپورٽنگ ۽ ڊيسڪ ڪافي نه آهي پر ان ڪم تي مقرر ماڻهن جي ??ستقل تربيت ضروري آهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي پوري زمين ۽ ايندڙ نسلن جي ??ستقبل جو مسئلو آهي، پي ٽي وي ان ڏس ۾ خصوصي پروگرام پيش ڪري ۽ نيوز بليٽن جي اندر ماحولياتي تبديلي بابت خبر يا ماڊيول ضرور شامل ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد چيو ته ڪلائميٽ چينج ۽ ڊيزاسٽر رپورٽنگ اسپيشلائيزڊ فيلڊز آهن، موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ ٻين حصيدارن سان گڏجي ??ي ٽي وي ڪلائميٽ چينج ڊيسڪ تي مقرر عملي کي تربيت پڻ فراهم ڪن??ا. هن چيو ته ڪلائميٽ چينج رپورٽنگ روزاني جي بنياد تي هڪ سرگرمي آهي ۽ اها آفتن کي منهن ڏيڻ جي تياري لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ تياري جي کوٽ ۽ وقت کان اڳ وارننگ جي ڪمزور نظام جي ڪري پاڪستان ۾ قدرتي آفتن سان ٿيندڙ نقصان انهن ملڪن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي جيڪي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي اڳ کان تياري ڪن ٿا. هن چيو ته پي ٽي وي پنهنجي ??يوز سسٽم ۾ موسمياتي تبديلي بابت خبرن کي ترجيح ڏيندي. تقريب کي موسمياتي تبديلي واري وفاقي سيڪريٽري سيد آصف حيدر خطاب ڪن??ي چيو ته موسمياتي تبديلي هڪ اهڙي حقيقت آهي جنهن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، ميڊيا جو ڪردار ان ڏس ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. اهو چئلينج تمام تيزي سان اڳتي ڌي رهيو آهي، ان ۾ آگاهي تمام ضروري آهي. هن پي ٽي وي ۾ ڪلائميٽ چينج ڊيسڪ قائم ڪرڻ کي ساراهيو. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پي ٽي وي ۾ ڪلائميٽ چينج ڊيسڪ جو افتتاح ڪيو. ڪلائميٽ چينج ڊيسڪ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان عوام کي هر لمحي جي آگاهي فراهم ڪن??و.