راولپنڊي-12 ڊسمبر (اي پي پي) ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي مختلف انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز دوران 27 دهشتگرد مارجي ويا آهن، جڏهن ته دهشت??رد?? سيڪيورٽي فورسز جي چؤڪيءَ تي حملي جي ڪوشش ڪئي ۽ آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ عمارت ڪِرڻ سبب پاڪ فوج جا 23 جوان شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته ٻئي واقعي ۾ 2 جوانن شهادت ماڻي. آءِ ايس پي آر مطابق 11 ۽ 12 ڊسمبر جي وچ واري رات ڊيرا اسماعيل خان ضلعي ۾ دهشت??رد?? جي موجودگيءَ جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران دهشت??رد?? جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 17 دهشتگرد مارجي ويا. ڪلاچي ۾ انٽيليجنس تي ٻَڌل هڪ ٻي آپريشن دوران دهشت??رد?? جي ٺڪاڻن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا. شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان به شهيد ٿيا. مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ معصوم شهرين تي حملن ۾ ملوث هئا. ڪاررواين دوران هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مادو پڻ هٿ ڪيو ويو ??هي. 12 ??سمبر 23ع تي صبح سوير 6 دهشت??رد?? جي هڪ گروهه درابن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چؤڪيءَ تي حملو ڪيو. دهشتگرد چؤڪي ۾ داخل ٿيا ۽ بارود سان ڀريل گاڏي داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي روڪيو ويو ??ه هن آپگهاتي حملو ڪيو ??نهن جي نتيجي ۾ ڌماڪي سبب عمارت ڪِري پئي، ان واقعي ۾ پاڪ فوج جا 23 جوان شهيد ٿي ويا. ٻي طرف وقائتي جوابي ڪارروائي ڪئي وئي جنهن ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا. علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ سيني ٽائيزيشن آپريشن جاري آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشت??رد??ءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون آهن.