اسلام آباد – 02 – ??نوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته بهاره ڪهو فلائي اوور ڪِرڻ بابت انڪوائري رپورٽ نگران وزيراعظم کي پ??ش ڪئي وئي آهي. سينيٽ ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر هدايت الل?? جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته انڪوائري رپورٽ جي حوالي سان ايوان کي آگاهه ڪنداسين، رپورٽ نگران وزيراعظم کي پ??ش ڪئي وئي آهي. چيئرمين هدايت ڪئي ته انڪوائري رپورٽ جي تفصيلن کان ايوان کي به آگاهه ڪيو وڃي.