اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) پاڪس??ان سرحدي خلاف ورز?? تي ايران جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ايران مان پنهنجي سفير کي به واپس گهرائڻ ج?? اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي بيان ۾ چيو ته گذريل رات ايران پاران پاڪس??ان جي خودمختياري جي اشتعال انگيز ۽ کليل خلاف ورزي عالمي ق??نون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جي خلاف ورزي آهي. اهو غيرقانوني عمل مڪمل طور تي ناقابل قبول آهي ۽ ان جو ڪو جواز نه آهي. پاڪس??ان ان غيرقانوني ق??م جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. نتيجن جي ذميواري پوري طرح ايران تي لاڳو هوندي. هن چيو ته اسان اهو پيغام ايراني حڪومت تائين پهچائي ڇڏيو آهي. اسان انهن کي اهو به ٻُڌايو آه?? ته پاڪس??ان ايران مان پنهنجي سفير کي واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ پاڪس??ان ۾ ايراني سفير جيڪو هن وقت ايران جي دور?? تي آهي ان کي چيو ويو آه?? ته هو في الحال واپس نه اچي. اسان انهن سمورن اعليٰ سطحي دورن کي پڻ معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪي ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪس??ان ۽ ايران جي وچ ۾ جاري هئا يا طئي ٿيل هئا. واضح ره?? ته ايران پاران ڪيل ان ”غيرقانوني“ فضائي حدن جي خلاف ورزي جي نتيجي ۾ ٻه ٻار مارجي ويا جڏهن ته ٽي ڇوڪريون زخمي ٿيون آهن.