مظفر آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪشميرين جي انهن جي خودمختياري جي ح?? لاءِ جدوجهد کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي لاءِ پاڪستان جي ح??ايت جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خواهشن جي ابتڙ ڪو حتمي ح?? مڙهي نه ٿو سگهي، ڪشمير ۾ ڀارت جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي اهو ڪنهن انساني الميي کان گهٽ نه آهي، انساني ح??ن جي خلاف ورزين ۽ رتوڇاڻ تي ڀارت کي جوابده بڻائڻ گهرجي ۽ عالمي برادري کي ان ڏاڍ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته هر سال 5 فيبروري تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙو ملهائين ٿا اهو ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام ??ان يڪجهتي جي اظهار جو ڏينهن آهي. هر سال ا??ان ڄمون ۽ ڪشمير جي ڀائرن ??ان جابراڻي غيرملڪي قبضي جي خلاف انهن جي خودمختياري جي ح?? لاءِ جائز جدوجهد ۾ گڏ بيٺل هجڻ جو وچن ڪريون ٿا. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو. ڪشمير کانسواءِ پاڪستان نامڪمل آهي. پاڪستاني ۽ ڪشميري مضبوط رشتن ۾ ٻڌل آهن، ا??ان جي خوشي ۽ ڏک جا تهوار هڪ آهن. ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي ان کان جدا نه ٿو رهي سگهي. ا??ان ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي اهم ڌر آهيون. هن چيو ته ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خواهشن جي ابتڙ ڪو حتمي ح?? مڙهي نه ٿو سگهي. ڪشمير ڪاز جي لاءِ ا??ان جو عزم پختو آهي. هن چيو ته ڪشمير تڪرار پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۾ سدائين شامل رهيو آهي جيڪو هڪ اڻٿڪ اتفاق راءِ جي عڪاسي ڪري ٿو. ا??ان جي معاشري جا سمورا طبقا ۽ قومي ادارا ڪشميرين ??ان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن ۽ پوري دنيا ۾ ڪشميرين جي لاءِ آواز بلند ڪري رهيا آهن ا??ان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪشمير تڪرار جي ح?? لاءِ پنهنجي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي ح??ايت جاري رکنداسين. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت لاڳاپيل عالمي فورمز تي سدائين ڪشميرين جي ح??ايت ڪئي آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي هزارين مردن، عورتن ۽ ٻارن جي قربانين کي ياد ڪري رهيا آهيون جن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. ڪشميرين خودمختياري جي حق ??ي لاءِ وڏي قيمت ادا ڪئي. ڀارتي ڏاڍ جي خلاف ڪشميري رتورت ٿي ويا پر جُهڪيا نه. هن چيو ته مسلمان اڪثريتي رياست هجڻ جي ناطي ڪشمير کي پاڪستان جو حصو هجڻ گهرجي ها پر ائين نه ٿي سگهيو. هن چيو ته ڪشميري عوام جي امنگن کي دوکيبازي ۽ سازشن جي ذريعي پائما?? ڪيو ويو. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ڪشميري عوام جا زخم اڄ به تازا آهن. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير وڏين قربانين ۽ جدوجهد ??ان آزاد ٿيو. 1947ع ۾ خطي ۾ قتل ??ام جون يادون ا??ان جي ذهنن مان مٽجي نه سگهيون. ڪشميرين کي پاڪستان جي بي پناهه حمايت جو يقين ڏيارڻ انهن جي ح??ن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. انهن جي ترقي ۽ خوشحالي جي جدوجهد ۾ انهن جي مدد ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. هن چيو ته ڀارت پاڻ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن ۾ کڻي ويو ۽ خطي جي تڪراري ح??ثيت کي تسليم ڪندي گڏيل قومن فيصلو ڪيو ته ڪشمير تڪرار جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سرپرستي هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي جمهوري طريقي ??ان ڪيو ويندو جڏهن ته اڃا تائين ڪشميرين کي پنهنجو حق ??ستعمال ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو. ڀارت کي ريفرنڊم جي ح??الي ??ان پاڪستان ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪشميري عوام ??ان پنهنجي پختي واعدن تي عمل ڪرڻ گهرجي. ان کانسواءِ ڀارت جي جمهوري هجڻ جي دعويٰ کوکلي آهي. هن چيو ته موجوده ڀارتي قيادت ڪشمير تي ڀارتي قبضي کي برقرار رکڻ جي لاءِ روايتي ڏاڍ جاري رکيو آهي. ڀارتي قيادت معصوم ڪشميرين جي خلاف پنهنجي جانبداراڻي قدمن جي لاءِ هر قسم جا حربا استعمال ڪري رهي آهي. بي جي پي ۽ آر ايس ايس جو اهو اتحاد بنا ڪنهن سبب جي ڪشميرين کي تشدد جو نشانو بڻائي رهيو آهي. هندوتوا جي زهريلي نظريي ڪشميرين تي ايترو ظلم ڪيو آهي جيترو اڳ ۾ ڪڏهن به ناهي ٿيو. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير کليل جيل وانگر بڻيل آهي. هن چيو ته ڪشميري خوف ۽ هراس جي ماحول ۾ زندهه رهي رهيا آهن، ميڊيا تي پابنديون آهن، ڪارڪن جيلن ۾ بند آهن، انهن جون زمينون ضبط ڪيون پيون وڃن، هراستون، تشدد ۽ عدالت کان مٿانهون قتل ٿي رهيا آهن. آزادي پسند ڪشميرين جون ملڪيتون هڙپ ڪيون پيون وڃن. گذريل 45 سالن ۾ 96 هزار کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن، هزارين عورتن کي هرا??ان ڪيو ويو آهي. هن چيو ته انهن سمورن ظلمن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. عالمي برادري کي انهن زيادتين ۾ ملوث ماڻهن جو گهيراءُ ڪرڻ گهرجي. فلسطين جي تازن واقعن کانپوءِ دنيا جي امن پسند ماڻهن جو ضمير زندهه ٿي ويو آهي. دنيا کي ياد ڪرايون ٿا ته ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ڪنهن انساني الميي کان گهٽ نه آهي، ڏهاڪن جي ڀارتي ڏاڍ جا ثبوت موجود آهن. عالمي برادري کي بيدار ٿيڻ گهرجي ۽ ان ڏاڍ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. والاريل ڪشمير ۾ انساني ح??ن جي انهن خلاف ورزين ۽ رتوڇاڻ تي ڀارت کي جوابده بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي ناجائز قبضي کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ مختلف حربا آزمايا آهن. 5 آگسٽ 2019ع کان ڪشميرين کي پنهنجي سرزمين تان بي گهر ڪرڻ جي لاءِ مهم زورن تي آهي. ان ڏينهن ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي ح??ثيت ختم ڪري ڇڏي. ان کانپوءِ ڀارتي ۽ سياسي نقطن کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا، انهن ۾ چونڊ تڪن ۾ ووٽرز فهرستن ۾ غيرڪشميرين کي شامل ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ ڪشمير کان ٻاهر جي ماڻهن کي ڊوميسائيل، ملڪيت ۽ ملڪيت بابت نوان قانون شامل آهن. اهي ڪارروايون عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي آهن جن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن، گڏيل قومن جي چارٽر، انساني ح??ن ۽ جنيوا ڪنوينشن جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ح??ثيت بابت ڀارتي سپريم ڪورٽ جو فيصلو ڪشميري عوام جي خودمختياري جي ح?? کان انڪار طرف تازو قدم آهي اهڙن فيصلن جي ذريعي ڪشميري عوام جي امنگن کي مجروح نه ٿو ڪري سگهجي ۽ ان جو ڪو به جواز نه آهي. هن چيو ته ڪشميرين ان فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو. ڪشمير تڪرار جي ح??ثيت کي سدائين عالمي قانون جي ڏس ۾ ٻڌايو ويو آهي. عالمي قانون تحت ڪنهن به عمل کي جيڪو ڀارتي قانون جي ماتحت آهي، ڄمون ۽ ڪشمير کي حتمي ح??ثيت جو تعين ڪرڻ جي لاءِ استعمال نه ٿو ڪري سگهجي جيڪو عالمي سطح تي هڪ مڃيل تڪراري علائقو آهي. ملڪي قانونسازي ۽ فيصلا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ??ان عملدرآمد بابت ڀارت کي پنهنجي ذميوارين کان آجو نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته گذري?? ڪيترن ئي سالن کان ڀارت جعلي بيانيو پيش ڪري رهيو آهي. ڪشميرين جي مقامي آزادي جي جدوجهد کي دهشتگردي جو غلط ليبل هڻي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڪشميري پنهنجا حق ??اصل ڪرڻ جي لاءِ بهادري ??ان بيٺل آهن. نگران وزيراعظم چيو ته دهشتگردي ۽ آزادي جي جدوجهد ۾ واضح فرق آهي. دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي، رياست پاران ان جو ارتڪاب خوفناڪ هوندو آهي. ڀارت والاريل واديءَ ۾ رياستي دهشتگردي ۾ ملوث آهي. ڪشمير ۾ واحد دهشتگرد ڀارت آهي. هن چيو ته ا??ان پرامن گڏيل بقاءَ تي يقين رکون ٿا. ا??ان تڪرار نه ٿا چاهيون، ا??ان وٽ حملي جي ڪرڻ جي صورت ۾ زبردست ۽ موثر طريقي ??ان جواب ڏيڻ جي قوت ۽ صلاحيت موجود آهي. ڀارت ان حوالي ??ان ا??ان کي ڪيترائي ڀيرا آزمائي چڪو آهي ۽ جيڪڏهن ٻيهر ڪا خواهش آهي ته ا??ان ان جي لاءِ به تيار آهيون. هن چيو ته ڀارت کي ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏيڻ گهرجي ان کي والاريل ڪشمير ۾ بنيادي ح??ن ۽ آزادين کي بحال ڪرڻ گهرجي، انساني ح??ن جي خلاف ورزين کي روڪڻ گهرجي، سخت هنگامي قانون کي رد ڪيو وڃي. ڪشميري شهرن، ڳوٺن مان فوج ڪڍڻ گهرجي. آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ قدمن کي رد ڪرڻ گهرجي، پرامن ميڙ ۽ اظهار راءِ جي آزادي ڏيڻ گهرجي. زميني صورتحال جو مشاهدو ڪرڻ جي لاءِ آزاد مبصرن ۽ انساني ح??ن جي نمائندن کي اجازت ڏيڻ گهرجي. سڀ کان وڌيڪ ان کي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عمل ڪرڻ گهرجي ۽ ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي نگراني هيٺ ريفرنڊم جو حق ڏيڻ گهرجي. پاڪستاني حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته دنيا آڏو ڀارت جو چهرو بي نقاب ڪنداسين. سفارتي مهم زور شور ??ان جاري رهندي. ڪشميرين جي خودمختياري جي حق ??اصل ڪرڻ تائين سک ??ان نه ويهنداسين.