اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسان ??و عزم آهي ته ملڪ ۾ هر ٻار پوليو کان محفوظ هجي، پاڪستان ??ڪومت روٽري انٽرنيشنل جي پروگرامز ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيا?? موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ??وٽري انٽرنيشنل جي صدر اسٽيفيني ارچڪ جي سربراهي ۾ وفد مل??قات ڪئي. وفد ۾ ٿومس اينٿوني گمپ، محمد فيض قدوائي، عبدالعزيز ميمڻ ۽ مسرور شيخ شامل هئا. وفد نگران وزيراعظم کي پاڪستان ??مارٽ وليج پروگرام ۽ پوليو جي خاتمي جي حوالي سان ??وٽري انٽرنيشنل جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني. نگران وزيراعظم اسٽيفيني ارچڪ کي روٽري انٽرنيشنل جي پهرين عورت صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم روٽري انٽرنيشنل جي پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي، تعليم ۽ ٻين شعبن جي لاءِ خدمتن کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي لاءِ عالمي برادري ۽ ترقياتي ادارن جي ڪردار کي ساراهيون ٿا، اسان ??و عزم آهي ته ملڪ ۾ هر ٻار پوليو کان محفوظ هجي. هن چيو ته پاڪستان ??ڪومت روٽري انٽرنيشنل جي پروگرامز ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، اميد آهي ته روٽري انٽرنيشنل پاڪستان ۾ پنهنجي پروگرامز جي پهچ ۾ اضافو ڪندي. وفد نگران وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته روٽري پاڪستان ??مارٽ وليج پروگرام جدت ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻندي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏيندو، غريب ترين طبقي جي لاءِ شروع ڪيل اهي سمارٽ ويليج زراعت کي فروغ ڏيڻ، قابل تجديد توانائي جي نظام مان فائدو کڻڻ، پاڻي جي نيڪالي جي انتظام کي بهتر بڻائڻ، پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. نگران وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته روٽري انٽرنيشنل پاڪستان ۾ 8 لک ڪتاب عطيو ڪري چڪو آهي جنهن مان 2 لک ڪتاب رڳو بلوچستان ??وبي ۾ ورهايا ويا آهن. وفد نگران وزيراعظم ک?? 10 ??زار وڌيڪ ڪتابن جو تحفو پيش ڪيو جيڪي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ورهايا ويندا. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ??ي ڏورانهن علائقن ۾ روٽري انٽرنيشنل جو?? موبائيل لائبريريز ڪتاب پڙهڻ جي فروغ ۽ خواندگي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. مل??قات ۾ قومي صحت وارو نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.