اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت عام چونڊون آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون منعقد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، 8 فيبروي تي چونڊون منعقد ٿيڻ سان گڏ ئي ان ??ي التوا جي حوالي سان ??مورا افواهه دم ٽوڙي ويندا. نئين شروع ٿيندڙ ٽيليويزن چينل (ايڪ نيوز) کي انٽرويو ڏيندي هن چي?? ته اميدوارن پاران چونڊ مهم جاري آهي، چونڊن جي التوا جو ڪو ٺوس جواز به نه آهي، ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ 8 فيبروري آهي ۽ ان ڏينهن چونڊن جي التوا جي حوالي سان ??مورا افواهه دم ٽوڙي ويندا. چونڊن کان ??ڳ يا پوءِ ڌانڌلي جي شڪايتن جي حوالي سان ??وال جي جواب ۾ هن چي?? ته ماضي مان ??بق سکندي پارليامينٽ کي قانوني، انتظامي ۽ اليڪشن ڪميشن بابت سمورين ڪوتاهين کي ختم ڪرڻو پوندو. هن چي?? ته مقامي ۽ عالمي ميڊيا سان گڏوگڏ مبصر به چونڊن جي مانيٽرنگ ۽ ڪوريج ڪندا، ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته جيتري حد تائين ممڪن ٿيو خطي جي معيارن موجب چونڊون آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون ٿينديون. هن چي?? ته سياسي پارٽيون جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ذريعي ڌانڌلي ۾ ملوث رهيون آهن ۽ فوت ٿيندڙن جا ووٽ به وڌا ويندا رهيا آهن. هن چي?? ته ووٽنگ جو وقت 8 فيبروري تي صبح 9 وڳي کان ??ام 5 وڳي تائين هوندو ?? هر هڪ کي سٺو ٽرن آئوٽ يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو آئيني حق استعمال ڪرڻ گهرجي. قومي معيشت جي بهتري تي اهم ڌيان ??ي زور ڏيندي هن چي?? ته بدقسمتي سان ??ڃا تائين ڪا سياسي پارٽي ملڪ جي معاشي صورتحال ۾ بهتري جي ڪا ايجنڊا سامهون ناهي کڻي آئي. هن چي?? ته پارٽين جا سمورا چونڊ منشور جن ۾ نوڪريون، پناهگاهون، سستي بجلي، فوڊ سيڪيورٽي ۽ ٻيا شامل آهن انهن جو سڌوسنئون تعلق مستحڪم معيشت سان ??هي. هن چي?? ته سياسي پارٽين کي روينيو جنريشن ۽ ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ جي لاءِ منصوبو تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسڪينڊينيوين ملڪن ۾ 91 سيڪڙو ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي تناسب جو مثال ڏيندي هن چي?? ته پاڪستان ??و ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جو تناسب رڳو 9 سيڪڙو آهي، ٽيڪس ۾ اضافو حڪومت کي عوام آڏو جوابده به بڻائيندو. پنهنجي پرڏيهي دورن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چي?? ته عهدو سنڀالڻ کان فوري پوءِ هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اهو هڪ اهڙو فورم آهي جنهن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي ۽ بعد ۾ يورپ جو دورو ڪيو جتي هوائي جهاز ۾ ٻارڻ ڀرڻ جي لاءِ رڪيس. هن چين ۾ بي آر آءِ فورم، اي سي او سمٽ ۽ ڪوپ 28 سيشن ۾ شرڪت جو پڻ ذڪر ڪيو جتي کيس عالمي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۽ ٻطرفن معاهدن تي صحيحون ڪرڻ جو موقعو مليو. هن وضاحت ڪئي ته نگران ??ڪومت کي روزاني جا معاملا بشمول پرڏيهي پاليسي جا معاملا هلائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. غيرقانوني، غيرملڪي شهرين جي وطن واپسي بابت هن هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته پاڪستان ??ڳو انهن ماڻهن کي ملڪ مان پنهنجي وطن موڪليو آهي جن کي ڪا سڃاڻپ ۽ ڪو رڪارڊ نه هو ۽ اهڙن ماڻهن کي صحيح پاسپورٽ ۽ ويزا حاصل ڪرڻ کانپوءِ واپس اچڻ جي اجازت هوندي. هن چي?? ته سوشل ميڊيا هڪ چئلينج آهي جنهن ماڻهن کي انهن جي تعليمي ۽ ذهني صلاحيتن کان هٽي ڪري بااختيار بڻايو آهي، هن سوشل ميڊيا جي مين اسٽريم ميڊيا وانگر ريگيوليشن جي حمايت ڪئي. هن چي?? ته نگران ??ڪومت تي مينڊيٽ کان هٽي ڪري ڪم ڪرڻ تي تنقيد صحيح نه آهي ڇ?? ته ان ??ا سمورا قدم قانوني ۽ ڪابينا جي منظوري کانسواءِ قانون واري وزارت جي توثيق رکندڙ آهن.