اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي معيشت جي ترقي جي ??اء?? 5 سالا معاشي روڊ ميپ تي معيشت جي مختلف شعبن جي سمورن ڌرين سان عملدرآمد جي ??اء?? مشاورت ڪئي وڃي، حڪومتي خرچن کي گهٽ ڪ??دا??ين، زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٻاهرئين سيڙپڪاري، ننڍي ۽ وڏي پئماني جي صن??تن جي ترقي جي صلاحيت ۾ اضافي جي ??اء?? ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪي معيشت جي ترقي ??اء?? 5 سالا معاشي روڊ ميپ تي اعليٰ سطحي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪي معيشت جي ترقي جي ??اء?? ايندڙ 5 سالن جو معاشي روڊ ميپ پيش ڪيو ويو. مهانگائي ۾ گهٽتائي، غربت جي خاتمي ۽ روزگار جي فراهمي روڊ ميپ جو حصو آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته معيشت جي مختلف شعبن جي سمورين ڌرين سان ان پلان تي عملدرآمد جي ??اء?? مشاورت ڪئي وڃي، وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي جي ??اء?? منصوبن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن منصوبن جي حوالي سان عملدرآمد جو شيڊيول ??اه?? پيش ڪيو وڃي. هن چيو ته زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٻاهرئين سيڙپڪاري، ننڍي ۽ وڏي پئماني جي صن??تن جي ترقي جي صلاحيت ۾ اضافي جي ??اء?? ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن، حڪومتي خرچن کي گهٽ ڪ??دا??ين، غريب عوام جي پئسي کي وڌيڪ ضايع ٿيڻ نه ڏيندس. هن چيو ته ايندڙ 5 سالن ۾ ملڪي معيشت کي استحڪام ڏئي ان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ جدت سان اوڳاڙيون وڌائي??دا??ين. وزيراعظم چيو ته زرعي شعبي ۾ به جدت سان في ايڪڙ پيداوار وڌائي??دا??ين، نقصان ۾ هلندڙ حڪومتي ادارن جي ترجيحي بنيادن تي نجڪاري ڪئي ويندي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، محمد اورنگزيب، احد خان چيما، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي م??ڪي معيشت جي ترقي جي ??اء?? روڊ ميپ ۽ اهم شعبن ۾ تجويز ڪيل قدمن جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي بجلي، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ، برآمدي شعبي، وچولي ۽ ننڍي پئماني جي صن??ت، ٽيڪس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم انهن تجويز ڪيل قدمن تي سمورين ڌرين سان مشاورت ڪري هڪ ٺوس پلان جوڙڻ جي هدايت ڪئي.