اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ترڪيه جي چي?? آف جنرل اسٽاف جنرل متين گورڪ ک?? بهترين انتظامي ڪارڪردگي تي نشان امتياز (م??ٽر??) سان نوازيو. ايوان صدر ۾ پروقار تقريب ٿي جنهن ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد، ٽنهي هٿياربند فوج جا سينيئر عملدار، غيرملڪي سفارتڪارن جو وڏو انگ موجود هو. صدر آصف علي زردار?? بهترين انتظامي ڪارڪردگي، ترڪيه ۾ امن ۽ استحڪام ۽ پاڪستان سان ويجهي لاڳاپن ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي ترڪيه جي چي?? آف جنرل اسٽاف جنرل متين گورڪ کي نشان امتياز (م??ٽر??) عطا ڪيو.