اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سا?? ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف ملا??ات ڪئي جنهن ۾ واپار، معيشت، سيڪيورٽي، دفاع، سماجي رابطن ۽ ٻين ش??بن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملا??ات ۾ وزارت عظميٰ جي عهدي تي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي ازبڪ پرڏيهي وزير ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف پاران وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ازبڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. وزيراعظم ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو ساڻس ملا??ات جو منتظر آهي. ملا??ات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ واپار، معيشت، سيڪيورٽي، دفاع، سماجي رابطن ۽ ٻين ش??بن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملا??ات ۾ افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جي اهميت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان سا?? ٻطرفي واپار ۽ ٻين منصوبن کي تيزي سا?? مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. هن ازبڪستان کي پاڪستاني بندرگاهن تائين پهچ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل مشاورت سا?? هڪ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي منصوبي جي اهميت تي رو??ني وجهندي ان جي جلد تڪميل جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.