بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ – چين سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو حصيدار?? جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اهي لاڳاپا گڏ??ل لاڀائتي تعاون تي ٻڌل آهن، سي پيڪ جو اڳيون مرحلو پاڪ – چين اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو، چيني سيڙپڪار ۽ واپاري پاڪستان ۾ سيڙپڪار?? جي موقعن مان فائدو کڻن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چين ۾ پاڪستاني سفارتخاني، چائنيز پيپلز ايسوسيئيشن فار فرينڊشپ ود فارن ڪنٽريز ۽ چائنا انٽرنيشنل ڪلچرل ڪميونيڪشن سينٽر جي حصيداري سان منعقد پاڪ – چين دوستي ۽ ڪاروباري تقريب جو خاص مهمان هو. تقريب ۾ پاڪساني وفد جي ٻين ميمبرن ۽ ناليوارن چيني معززن، عملدارن، تعليمي ماهرن، ٿنڪ ٽينڪ جي ماهرن ۽ ڪاروباري شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي پنهنجي اهم خطاب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ چين سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو حصيدار?? جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪا گڏ??ل احترام، اسٽريٽجڪ اعتماد ۽ گڏ??ل فائديمند تعاون تي ٻڌل آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ ته??يب?? لاڳاپن تي زور ??يندي هن پاڪ چين دوست?? جي خصوصي ۽ منفرد ڪردار کي اجاگر ڪيو جيڪا هر مشڪل گهڙيءَ ۾ ڪسوٽي تي پوري لٿي. وزيراعظم عالمي امن، سلامتي ۽ ترق?? جي لاءِ گهڻ رخي ۽ عالمي قانون جي اهميت تي زور ??نو. هن گڏ??ل افهام تفهيم ۽ گڏ??ل خوشحال?? جي سفر جي ذريعي خاص طور تي اسرندڙ دنيا جي ملڪن سان تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه جي چين جي موقف کي ساراهيو. وزيراعظم بني نوع انسان جي گڏ??ل مستقبل جي تعمير جي صدر شي جن پنگ جي ويزن ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو، گلوبل س??ڪي??رٽي انيشي ايٽو، گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو ۽ عالمي ته??يب?? قدمن سميت ان سان لاڳاپيل قدمن کي ساراهيو. هن موجوده دنيا کي درپيش امن، سلامتي ۽ ترق?? جي چئلينجن جو عملي حل فراهم ڪرڻ جي لاءِ انهن قدمن جي تڪميل ڪئي. سي پيڪ کي پاڪستان جي معاشي سڌارن جي ايجنڊا جي اهم حص?? جي طور تي اجاگر ڪندي وزيراعظم چيو ته سي پيڪ گڏ??ل طور تي فائديمند ٻطرفي تعاون جي ڪاميابي ۽ پاڪستان جي اقتصادي ترق?? جي لاءِ هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪيو. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته سي پيڪ جو اڳيون مرحلو پاڪ چين اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو ڪم ڪندو. وزيراعظم چيني سيڙپڪارن ۽ واپارين تي زور ??نو ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪار?? جي موقعن مان فائدو کڻن خاص طور تي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل عالمي سيڙپڪارن کي ون ونڊو سلوشن پيش ڪري ٿي. هن کاڻين جي کوٽائي، آءِ سي ٽي ۽ زراعت جي ترجيحي شعبن ۾ عملي ۽ گڏ??ل طور تي لاڀائتي تعاون تي زور ??نو.