اسلام آباد -03 آگسٽ (اي پي پي) نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر اسحاق ڊار پاڪستان حڪومت ۽ عوام طرفان اسماعيل هانيه جي شهادت تي افس??س جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته اسماعيل هانيه شهيد جو بي رحماڻو قتل عالمي قانونن ۽ سفارتي اصولن خلاف آهي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر اسحاق ڊار ايران جي وقتي پرڏيهي وز??ر علي باقري ڪني کي ڪالهه ٽيليفون ڪئي. ايران جي وقتي پرڏيهي وز??ر تهران ۾ اسماعيل هانيه جي قتل تي ايراني قوم ۽ قيادت جي گهري غم جو اظهار ڪيو. نائب وز??راعظم اسحاق ڊار پاڪستاني عوام طرفان اسماعيل هانيه جي شهادت تي افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. نائب وز??راعظم چيو ته وز??راعظم پاڪستان غزه ۾ ٿيل اڳڀرائي ۽ اسماعيل هانيه شهيد جي بي رحماڻي قتل جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ٻئي پاسي پاڪستان جي قومي اسيمبلي گڏيل طور هن مڪروهه فعل جي مذمت ڪئي آهي. اسماعيل هانيه شهيد جو بي رحماڻو قتل عالمي قانون، سفارتي اصولن ۽ دنيا وچ ۾ قابل قبول ترز عمل جي خلاف آهي. ايراني وقتي پرڏيهي وز??ر نائب وز??راعظم سان ان معاملي تي پرڏيهي وز??رن يج سطح تي گهرايل ??و آءِ سي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي به درخواست ڪئي. نائب وز??راعظم ??و آءِ سي جي پرڏيهي وز??رن جي غير معمولي اجلاس گهرائڻ جي مڪمل حمايت ڪئي. نائب وز??راعظم ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي ته پاڪستان ان اهم اجلاس ۾ وڌي ڪري حصو وٺندو.