اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري 78 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ 104 پاڪستاني ۽ غيرملڪي شخصيتن کي ??عزاز عطا ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اهي اعزاز 23 مارچ 2025ع تي اعزاز ورهائڻ واري خصوصي تقريب ۾ عطا ڪيا ويندا. عوامي خدمت جي شعبي ۾ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ ذوالفقار علي ڀٽو شهيد کي نشان پاڪستان عطا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. راندين جي شعبي ۾ ارشد نديم کي هلال امتياز ۽ مراد سدپاره کي ??تاره امتياز جڏهن ته ادب جي شعبي ۾ ناصر ڪاظمي مرحوم کي نشان امتياز عطا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ پرنس عبدالعزيز بن سلمان السعود کي هلال پاڪستان عطا ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ عامر حفيظ ابراهيم کي هلال امتياز، ڊاڪٽر غلام محمد علي ۽ سردار محمد آفتاب احمد خان وٽو کي ??تاره امتياز جڏهن ته ڊاڪٽر سارا قريشي، ڊاڪٽر رفيع الدين ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عثمان قمر کي ??مغه امتياز عطا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اهڙي طرح تعليم جي شعبي ۾ سعديه رشيد کي هلال امتياز، ضياءَ الحق، ڊاڪٽر سليمان شهاب الدين ۽ سيد اظهر حس??ن عابدي کي ??تاره امتياز، برڪت شاهه، عبدالرشيد ڪاڪڙ ۽ عنيقه بانو کي ??سن ڪارڪردگي تي صدارتي ايوارڊ عطا ڪيو ويندو. طب جي شعبي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر شهريار ۽ ڊاڪٽر زرياب سيٽنا کي هلال امتياز، ڊاڪٽر عاڪف الله خان، ڊاڪٽر سيد عابد مهدي ڪاظمي ۽ اڪرام الله خان کي ??مغه امتياز عطا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. فنون جي شعبي ۾ ڪالن ڊيوڊ کي ??تاره امتياز، ارشد عزيز ملڪ، بختيار احمد ۽ بئريسٽر ظفرالله کي ??مغه امتياز عطا ڪيو ويندو، فريحه پرويز، حامد رانا، شيبا ارشد ۽ نويد احمد ڀٽي کي ??سن ڪارڪردگي تي صدارتي ايوارڊ سان نوازيو ويندو. ادب جي شعبي ۾ ناصر ڪاظمي مرحوم کي نشان امتياز، جاويد جبار کي هلال امتياز، سلمان اعواڻ، ظفر وقار تاج ۽ منيزه شمسي کي ??تاره امتياز ڏنو ويندو، سيد جواد حس??ن جعفري کي ??مغه امتياز جڏهن ته عنبرين حس??ب کي ??سن ڪارڪردگي بابت صدارتي ايوارڊ سان نوازيو ويندو. راندين جي شعبي ۾ مقصود ا??مد?? عماد شڪيل بٽ، رحمان اشتياق ۽ مير نادر خان مگسي کي ??مغه امتياز، عامر اشفاق کي ??سن ڪارڪردگي بابت صدارتي ايوارڊ عطا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. سماجي خدمتن ۽ خدمت خلق جي شعبي ۾ ميان عزيز ا??مد?? حنيد لاکاڻي، ثناءَ هاشواڻي ۽ سفيناز منير کي ??تاره امتياز جڏهن ته خواجه انور مجيد ۽ حس??ن دائود کي هلال امتياز عطا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ٽيڪس گذارن ۽ ايڪسپورٽرز ۾ سيد عمران علي شاهه، ناظم الدين فيروز، امتياز حس??ن، عدنان نياز، زاهد احمد ۽ سيد اسد حس??ن زيدي کي ??تاره امتياز عطا ڪيو ويندو. عوامي خدمتن جي شعبي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي نشان پاڪستان عطا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ڊپٽي ڪمشنر پنجگور ذاڪر حس??ن بلوچ کي ??تاره شجاعت عطا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ڪيپٽن (ر) محمد خرم آغا، ڊاڪٽر سيد توقير حس??ن شاهه ۽ عمر فاروق کي هلال امتياز عطا ڪيو ويندو. ڊاڪٽر روبابه خان بليدي، ڊاڪٽر حامد عتيق سرور، وقاص الدين سيد، جميل ا??مد?? اياز خان، احمد اسحاق جهانگير ۽ عرفان نواز ميمڻ کي ??تاره امتياز عطا ڪيو ويندو، سيد شڪيل شاهه، اشهد جواد، رباب سڪندر، محمد يوسف خان، ڪارڊينل جوزف ڪائوٽس، ريحان مهتاب چاولا، ريئر ايڊمرل تنوير ۽ عامر محمود لاکاڻي کي ??مغه امتياز سان نوازيو ويندو. بهادري جي اعتراف ۾ سب انسپيڪٽر تيمور شهزاد شهيد، سپاهي محمد آصف شهيد، ايس پي محمد اعجاز خان شهيد، ڊي ايس پي سردار حس??ن شهيد، ڊي ايس پي علامه اقبال شهيد، ايل ايڇ سي محمد فاروق شهيد، ايڊيشنل ايس ايڇ او عدنان آفريدي شهيد، الهه رکيو نندواڻي، ڪانسٽيبل جهانزيب ۽ ڪانسٽيبل ارشد علي شهيد کي هلال شجاعت عطا ڪيو ويندو. ملڪ سبز علي شهيد ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ حمزه انجم کي ??تاره شجاعت سان نوازيو ويندو. ملڪ محمود جان شهيد، سعيد خان، سميع الله خان شهيد، صاحب خان ۽ ڊاڪٽر شفيع محمد بزنجو کي ??مغه شجاعت عطا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ غيرملڪي ماڻهن کي ??ه اعزاز عطا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. پرنس عبدالعزيز بن سلمان السعود کي هلال پاڪستان عطا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. فوچي هنگ ۽ محمد سيف السويدي کي هلال قائداعظم عطا ڪيو ويندو. ڊاڪٽر ماجد بن عبدالله الڪسبي ۽ انجنيئر عبدالله السواها کي ??تاره پاڪستان سان نوازيو ويندو، حيدر قربانوف ۽ ڊاڪٽر ڪرسٽين شموٽزر کي ??تاره قائداعظم عطا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. لوڪاس ووارل، ڊاڪٽر اورور ديدير، پروفيسر وليريه فيوراني پياسينٽيني ۽ اگستينو دا پولنزا کي ??مغه پاڪستان عطا ڪيو ويندو، چانگ بائو چُنگ ۽ شن من ليو کي ??مغه قائداعظم سان نوازيو ويندو. صدر آصف علي زرداري ڊيانامڪ آرٿر کي ??مغه خدمت عطا ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني.