اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) نائب ??زيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊا?? جي صدارت ۾ مز??ر حضرت امام بري رحه ڪمپليڪس جي ترقي ۽ انتظام ۽ انصرام ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. مئنيجمينٽ ڪميٽي حضرت بري امام رحه جي سالياني عرس جي انتظامن جو جائزو ورتو. 14 آگسٽ تي چادر پوشي جڏهن ته حضرت بري امام رحه جو ساليانو عرس 15 کان 17 آگسٽ تي ٿيندو. نائب ??زيراعظم ۽ پرڏيهي وزير عرس جي موقعي تي سيڪيورٽي جي انتهائي غيرمعمولي انتظامن جي هدايت ڪئي. هن انتظاميا ۽ سي ڊي اي کي زائرين کي شٽل سروس فراهم ڪرڻ ۽ زائرين جي سهولت جي ڏس ۾ ٿرڊ ايونيو کان متبادل روڊ جي تياري يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نائب ??زيراعظم چيو ته ملڪ جي مختلف علائقن ۽ سڄي دنيا مان عرس جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ زائرين کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن هدايت ڪئي ته عرس ۾ شرڪت ڪندڙ عورت زائرين جي لاءِ مز??ر حضرت بري امام رحه ڪمپليڪس ۾ خصوصي انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اهو ته تقريبن د??ران زائرين کي ڪنهن به قسم جي ڪا تڪليف نه ٿيڻ گهرجي. اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبر خادم درگاهه بري امام راجه سرفراز اڪرم، محسن رضا نقوي ۽ سهيل اقبال ڀٽي پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چيف ڪمشنر اسلام آباد، سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا، ڊپٽي ڪمشنر عرفان ميمڻ کانسواءِ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.