اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميان محمد نواز شريف جي قيادت ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف پاران بجلي صارفين جي لاءِ تاريخي ريليف پئڪيج جي آ??يان ڪندي چيو آهي ته 500 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين جي لاءِ يونٽ 14 رپيا ڪرڻ جو ريليف بنا ڪنهن شڪ جي ميان محمد نواز شريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ جو عوام دوست بهتر قدم آهي، عوامي ريليف ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ميان محمد نواز شريف جي هدايت تي قلمدان سنڀاليندي ئي عوامي ريليف کي حڪومت جي اولين ترجيح رکيو، تازو ئي اسان وفاقي حڪومت جي ترقياتي بجيٽ مان 50 ارب ڪاٽي بجل?? جي قيمتن ۾ ريليف ڏنو جنهن سان 200 يونٽ وارا صارفين فائدو کڻي رهيا آهن. هن چيو ته بجلي چور?? جي خلاف قدمن ۽ بجل?? جي شعب?? جي سڌارن سان ان جو پائيدار حل ڪڍڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ميان محمد نواز شريف جي قيادت ۾ معيشت جي استحڪام کانپو??ِ ماڻهن جي زندگي آ??ان ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته معاشي استحڪام کانپو??ِ ملڪ صحيح رخ طرف گامزن آهي، عوامي ريليف ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بجل?? جي قيمتن ۾ گهٽتائ?? جي پائيدار حل جي لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي ۽ ان جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون.