اسلام آباد-23 آگسٽ (اي پي پي) برطانيه جو اميگريشن سسٽم ڊجيٽل ڪيو پيو وڃي ۽ فزيڪل دستاويزن کي آن لائن اميگريشن اسٽيٽس سان بدلايو ويندو، بايوميٽرڪ رهائشي اجازت نامي، پاسپورٽ تي اسٽيڪرز ۽ ڪجهه ٻين دستاويزن جي هاڻي وڌيڪ ضرورت نه هوندي. ڪالهه برطانوي سفارتخاني مان جاري بيان موجب جيڪڏهن اوهان کي ڪم ڪرڻ يا پڙهائي لاءِ برطانيه ۾ 6 مهينن کان وڌيڪ رهڻ لاءِ ??يز?? ڏني وڃي ٿي ته هاڻي اوهان کي پنهنجي اي ??يز?? تائين پهچ لاءِ UKVI آن لائن اڪائونٽ ٺاهڻ جي ضرورت هوندي. اڪائونٽ اوهان جي اميگريشن جي حيثيت جي آن لائن رڪارڊ طور ڪم ڪري ٿو. انهن ماڻهن لاءِ جن کي برطانيه ۾ 6 مهينن کان گهٽ رهڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، مثال طور سياح جي حيثيت سان اوهان کي UKVI اڪائونٽ ٺاهڻ جي ضرورت ناهي. پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر جين ميرٽ چيو آهي ته اسان پاڪستانين لاءِ برطانيه جو سفر آسان بڻائڻ لاءِ مسلسل نواڻ اختيار ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جو اهو نئون استعمال ??يز?? جي عمل جي هڪ اهم حصي کي هموار ڪندو. ان کي وڌيڪ محفوظ بڻائيندو ۽ ڪاغذي دستاويزن تي ??اڙ?? گهٽ ڪندو. بيان موجب اهو عمل مفت، محفوظ ۽ آسان آهي. برطانيه ڏانهن ويندڙ خواهشمندڙ ويب سائيٽ gov.uk/eVisa تي اڪائونٽ ٺاهڻ جي طريقي سميت وڌيڪ ڄ??ڻ حاصل ڪري سگهن ٿا. اوهان کي ان وقت تائين برطانيه جو سفر نه ڪرڻ گهرجي جيستائين اوهان کي پنهنجو پاسپورٽ ۽ برطانيه جا صحيح ??يز?? ايپليڪيشن سينٽر کان واپس نه ملي وڃي، اي ??يز?? ۾ ڪنهن فزيڪل دستاويز کي اپ ڊيٽ ڪرڻ سان اوهان جي اميگريشن جي حيثيت يا برطانيه ۾ داخل ٿيڻ يا رهڻ جي اوهان جي اجازت جي شرطن تي ڪو به اثر نٿو پوي. بيان موجب برطانيه پهچڻ تي اوهان کي هاڻي به بي آر پي جمع ڪرائڻ جي ضرورت هوندي، سمورا بي آر پي ڪارڊ 31 ڊسمبر 2024ع تائين ڪارآمد آهن پر بي آر پي ڪارڊ جو مدو ختم ٿيڻ سان اوهان جي اميگريشن جي حيثيت متاثر نٿي ٿي، اوهان پنهنجو UKVI اڪائونٽ ٺاهڻ ۽ پنهنجي اي ??يز?? تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو بي آر پي ڪارڊ استعمال ڪري سگهو ٿا.