اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر اح??ن اقبال چيو آهي ته پلاننگ ڪميشن جي پاليسي ب??رڊ جي جوڙجڪ جو مقص?? نجي شعبي جي مدد سان ملڪ جي اقتصادي منصوبا بندي جي عمل ۾ بهتري ۽ شفافيت آڻڻ آهي، پاڪستان جي معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ ۾ وڏي سيڙپڪاري ۽ مختلف شعبن ۾ روانگي واپار کي وڌائڻ جي سخت ضرورت آهي. اح??ن اقبال جي صدارت هيٺ پلاننگ ڪميشن جي پاليسي ب??رڊ جو پهريون اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ رٿابندي وارو سيڪريٽري، وڏن نجي ادارن جي نمائندن، ڪارپوريٽ ليڊرز ۽ مختلف شعبن جي ماهرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اح??ن اقبال چيو ته پاليسي ب??رڊ جي جوڙجڪ جو مقص?? نجي شعبي جي مدد سان ملڪ جي اقتصادي منصوبا بندي جي عمل ۾ بهتري ۽ شفافيت آڻڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته نجي شعبي جي شرڪت سان منصوبا بندي ڪميشن جي ڪارڪردگيءَ ۾ نمايان بهتري ايندي ۽ هي قدم پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. اح??ن اقبال ان ڳالهه تي زور ??ريو ته پاليسي ب??رڊ جا ميمبر منصوبا بندي ڪميشن جي مالي معاملن ۽ آڊٽ جي نگراني ۾ حڪومت مدد ڪندا. هن چيو ته ب??رڊ جا ميمبر اسٽريٽجڪ فريم ورڪ تيار ڪرڻ سان گڏوگڏ گهڻ مُدي، وچ مُدي ۽ ڊگهي مُدي وارا منصوبا بڻائڻ ۾ به مُک ڪردار ادا ڪندا. وفاقي وزير چيو ته حڪومت پاليسي ب??رڊ جي جوڙجڪ کي هڪ اهم سنگ ميل سمجهي ٿي ۽ ان ذريعي پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪري سگهجن ٿا. اح??ن اقبال وڌيڪ چيو ته حڪومت طرفان فائيو ايز فريم ورڪ، 13هين پنج سالا منصوبه ۽ ويزن 2030ع تي عملدرآمد کي يقيني بنائڻ لاءِ پاليسي ب??رڊ جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. ان فريم ورڪ تحت روانگي واپار، ڊجيٽل ترقي، ماحوليات، توانائي ۽ مساوات جهڙن مُک شعبن کي ترجيح ڏني وئي آهي. هن چيو ته پاليسي ب??رڊ جي ميمبرن جي تجربن ۽ تجويزن سان قومي بجيٽ جي جوڙجڪ ۾ به مدد ملندي ۽ ان عمل کي وڌيڪ شفاف ۽ ڀروسي جوڳو بڻايو ويندو. اح??ن اقبال ان ڳالهه تي زور ??ريو ته ب??رڊ جي ميمبرن کي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ گهرجي ته جيئن رٿابندي ڪميشن کي بهتر بنائڻ ۾ مدد ملي سگهي. وفاقي وزير چيو ته پاليسي ب??رڊ جي ميمبرن جي شموليت منصوبا بندي ڪميشن کي هڪ مڪمل ٿنڪ ٽينڪ شڪل ڏيندي جنهن سان پاڪستان جي ترقياتي عمل ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت نجي شعبي جي ماهرن جي تجويزن جي آجيان ڪري ٿي ۽ انهن جي مشورن کي قومي ترقياتي منصوبن ۾ شامل ڪيو ويندو. اجلاس جي پڄاڻيءَ تي وفاقي وزير اح??ن اقبال چيو ته پاڪستان جي معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار ۾ واڌ جي سخت ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاليسي ب??رڊ جا ميمبر قومي ترقيءَ جي عمل ۾ پنهنجو ڀرپور ??ردار ادا ڪندا ۽ حڪومت سان گڏجي ملڪ کي معاشي استحڪام جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ مدد ڪندا. اح??ن اقبال وڌيڪ چيو ته حڪومت جو عزم آهي ته پاڪستان کي 2035ع تائين هڪ کرب ڊالرن جي معيشت بڻايو ??ڃي ۽ ان لاءِ فائيو ايز فريم ورڪ تي اثرائتو عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته نجي اداري، سول سوسائٽي ۽ ماهرن کي گڏجي ملڪ کي استحڪام طرف وٺي وڃڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. نجي ادارن سان تعلق رکندڙ سمورا اسٽيڪ هولڊرز، ماهر پاليسي ب??رڊ جي پهرين ميٽنگ ۾ پنهنجي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ۽ حڪومت سان مڪمل طور تي مدد جي عزم جو اظهار ڪيو.