اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير شيخ خالد بن عبدالعزيز الفالح چيو آهي ته پاڪستان ۾ وڏي منافعي جي شرح ۽ گهٽ رسڪ جي سيڙپڪاري جي منزل بڻجڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي جيڪا ان کي سعو??ي سيڙپڪارن لاءِ انتهائي پُرڪشش هنڌ بڻائي ٿي. ڪالهه خميس ڏينهن پاڪستان سعودي عرب بزنس فورم کي خطاب ڪن??ي سعودي وزير پاڪستان حڪومت جي قدمن ۽ اقتصا??ي سڌارن کي ساراهيندي خصوصي ون اسٽاپ شاپ، سنگل ونڊو سسٽم ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) قائم ڪرڻ کي سيڙپڪاري جي عمل کي هموار بڻائڻ ۾ ا??م عمل قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب بزنس فورم دورام ٻنهي ملڪن وچ ۾ 2 ارب ڊالرن جي ماليت جي 27 معاهدن تي صحيحيون متوقع آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اهي معاهدا منظم طريقي سان اڀريا آهن جيڪي سهولتڪاري جي مضبوط ڪوششن جي عڪاسي ڪن ٿا. سعودي وزير ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپا وڌائڻ لاءِ واپار جي عزم جو ??عتراف ڪندي چيو ته ٻطرفي واپار ۾ پهرين ئي تقريبن 80 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جيڪو 2019ع ۾ 3 ارب ڊالرن کان وڌي اڄ 5.4 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي. هن پاڪستاني سيڙپڪاري لائسنسن ۾ نمايان اضافي تي به روشني وڌي جيڪي ٻيڻ کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي جيڪو سعودي حڪومت جي حوصلا افزائي جو ??بوت آهي. شيخ خالد بن عبدالعزيز الفالح سعودي ولي عهد طرفان پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جي اعلان تي انتهائي خوشي جو ??ظهار ڪيو ۽ انڪشاف ڪيو ته اهو اعلان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي عهدو سنڀالڻ کا?? جلدي پوءِ سعودي عرب جي دوري دوران ٿيو.هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ جي اسان جي وچ ۾ نمائ??دگ?? موجود آهي، اهو وفد نه رڳو پي آءِ ايف جي نمائ??دگ?? ڪري ٿو پر ان ۾ ا??ڪوا، ايڪوا پاور، تجديد جوڳي توانائي، منارا منرلز جهڙيون ڪيتريون ئي پورٽ فوليو ڪمپنيون به شامل آهن. سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ ا??تصادي امڪان عملي طور تي لا محدود آهن جيڪي ٻطرفن لاڳاپن ۽ پراڻي دوستي جي پائيدار مضبوطي جي عڪاسي ڪن ٿا.