ڪوئيٽه-30 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ??يئ??مين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پنهنجين سياسي غلطين کي درست ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. عدالتي سڌارن لاءِ اسٽيڪ هولڊرن جي تجويزن جي آجيان ڪريو?? ٿا. اهڙن خيالن جواظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ پيپلز لائرز فورم کي خطا?? ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگرديءَ جي حوالي سان بلوچستان جي عوام ۽ وڪيلن وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته اسان اهڙي آئيني عدالت ٺاهڻ چاهيو?? ٿا جنهن ۾ سمورن صوبن جي نمائندگي هجي. هن چيو ته پ پ آئيني ترميمن لاءِ پنهنجون تجويزون ڏيندي. هن چيو ته اسان چاهيو?? ٿا ته 18هين ترميمن ۾ ججن جي مقرري بابت جيڪي معاملا طئي ٿيا هئا انهن کي بحال ڪيو وڃي. هن چيو ته ججن جي مقرري جي نظام کي بدلائڻ جي ضرورت آهي، ماضيءَ ۾ اسان کي چيو ويو ته ججن جي مقرريءَ بابت تجويزون واپس وٺو، ٻي صورت ۾ پورو آئيني ترميم جو عمل واپس ٿي سگهي ٿو جنهن لاءِ اسان 30 سال جدوجهد ڪئي هئي، اُن وقت ججن پنهنجي رولز ذريعي پارلياماني ڪميٽي جو اختيار ختم ڪ??ي ڇڏيو هو. هن چيو ته آئيني عدالت وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته پ پ جي تجويز آهي ته صوبن جي سطح تي پڻ آئيني عدالتون قائم ڪيون وڃن، جيڪڏهن ڌار آئيني عدالت قائم هجي، اتي سمورن صوبن جي نمائندگي هجي ۽ عوام کي جلد انصاف جي فراهمي يقيني بڻائي. عدالتي سڌارن لاءِ اسٽيڪ هولڊرن جي تجويزن جي آجيان ڪريو?? ٿا. هن زور ڀريو ته پارٽي جا تجربيڪار وڪيل پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ پارٽي منشور ۽ ڪارڪردگي لاءِ ڪردار ادا ڪندي ڪوآرڊينيشن ڪميٽيون ٺاهين، پ پ هميشه جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون، پنهنجي منشور موجب عوام جي خدمت ڪنداسين. هن چيو ته اسان پنهنجي منشور مطابق سياسي ڪيس اڳيان وڌائينداسين.