اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي ني??نل پيپلز ڪانگريس (اين پي ??ي) جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين ۽ اڳوڻي نائب وزيراعظم ووبانگوو جي اوچتو لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته آنجهاني ووبانگوو سي پي ??ي جو قابل اڳواڻ ۽ پاڪستان جو سچو د??ست هو جنهن گڏيل لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ اسانجون همدرديون آنجهاني خاندان ?? چيني عوام سان گڏ آهن.