اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ منگوليا کي واپار، سيڙپڪاري، عوام سان عوام ۽ مواصلاتي رابطن کي خصوصي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ گڏيل طور تي لاڀائتي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ گهرجن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محم?? شهباز شريف سان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شر??ت جي لاءِ آيل منگوليا جي وزيراعظم اويون اردين لويسناهي ??لاقات ڪئي. وزيراعظم محم?? شهباز شريف منگوليا جي وزيراعظم جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ۽ چيو ته سندس دورو ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ گڏيل احترام، خيرسگالي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب جي شروعات آهي. هن منگوليا جو ٻيهر وزيراعظم چونڊجڻ تي کيس مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط ب??ائ?? جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم تجويز پيش ڪئي ته ٻنهي ??لڪن کي واپار، سيڙپڪاري، عوامي ۽ مواصلاتي رابطن تي خصوصي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ گڏيل طور تي لاڀائتي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم محم?? شهباز شريف منگوليا جي سول سرونٽس کي پاڪستان جي تربيتي ادارن ۾ تربيت جي آڇ ڪئي ۽ ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ 2025ع کي پاڪستان منگوليا دوستي جو سال قرار ڏيڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي. منگوليا جي وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي وزيراعظم محم?? شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني ۽ ايس سي او، سي ايڇ جي چيئر جي طور پاڪستان جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو. هن ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ گڏيل ڪوششن ۽ تعاون جي ذريعي مضبوط ۽ ويجها ٻطرفا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن واپار، سياحت، زراعت ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ گڏيل وزارتي ڪميشن ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ عالمي پارلياماني يونين قائم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. ملاقات جي موقعي تي منگوليا جي وزيراعظم اويون اردين لويسناهي ??زيراعظم هائوس ۾ ٻوٽو پڻ هنيو.