اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ 26 هين آئيني ترميم ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور ڪري ورتي. ڪالهه آچر ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ 26 هين آئيني ترميم جو بل ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي ??ٿ پيش ڪئي. رٿ جي م??ظوري کانپوءِ 26 هين آئيني ترميم جو بل منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي ??جازت گهري وئي. سينيٽ چيئرمين رٿ تي ووٽنگ دوران ان جي ??امي ۽ مخالف ميمبرن کي بيهاري انهن جي ڳڻپ ڪرائي. ووٽنگ کا?? اڳ سموريون گئلريون خالي ڪرايون ويون جڏهن ته هال جا دروازا بند ڪيا ويا. ڳڻپ دوران ترميم جي ??ٿ جي ??مايت ۾ 65 ووٽ جڏهن ته مخالفت ۾ 4 ووٽ پيا. پي ٽي آءِ جا اڪثر ميمبر ايوان ۾ موجود نه هئا. ان کانپوءِ پي ٽي آءِ جا چارئي م??مبر ڳڻپ کان پوءِ ايوان مان هليا ويا ۽ قانونسازي ۾ حصو نه ورتو. رٿ جي م??ظوري کانپوءِ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني 26 هين آئيني ترميم شق وا?? منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن جي ??يوان متفقه طور تي م??ظوري ڏني. جي يو آءِ (ف) جي ??ينيٽر ڪامران مرتضيٰ ترميمون ايوان ۾ پيش ڪيون جنهن جي وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ حمايت ڪئي جنهن تي ايوان انهن ترميمن کي م??ظور ڪري ورتو. آئيني ترميم جي ??ق وا?? منظوري دوران ڪنهن به ميمبر قانونسازي جي مخالفت نه ڪئي. ان کانپوءِ سينيٽ چيئرمين بل جي ??ق واري م??ظوري کانپوءِ بل منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو. بل تي ووٽنگ کا?? اڳ هال جا دروازا بند ڪيا ويا، سينيٽ چيئرمين ٻه منٽ گهنٽيون وڄائڻ جي هدايت ڪئي، جنهن کانپوءِ هال جا دروازا بند ڪيا ويا. سينيٽ چيئرمين آئيني ترميم جي ??امي م??مبرن کي ساڄي لابي ۽ مخالف ميمبرن کي کاٻي لابي ۾ وڃڻ ۽ رجسٽر تي پنهنجو ووٽ داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. ان کانپوءِ سينيٽ چيئرمين ڳڻپ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. ترميم جي ??مايت ۾ 65 ۽ مخالفت ۾ 4 ووٽ پيا، اهڙي طرح ايوان 26 هين آئيني ترميم ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور ڪري ورتي.