واشنگٽن _24 آگسٽ (اي پي پي )ناڻي و??ري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستاني معيشت ۾ ج??ري سڌارن جو مقصد مالياتي استحڪام کي يقيني بڻائڻ ۽ معيشت کي پ??ئيدار ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻ آهي ، انهن سڌارن ۾ ٽيڪس ۾ اضافو، غير ضروري خرچن ۾ گهٽتائي، توانائي جي شعبي ۾ بهتري ۽ نجڪ??ري جي عمل کي تيز ڪرڻ شامل آهي، حڪومت مالياتي نظم و ضبط کي بهتر بڻائن لاءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي ته ??يئن مالياتي خس??ري تي ضابطو آڻي سگهجي. انهن خيالن جو اظهار هن واشنگٽن ۾ عالمي مالياتي ادارن جي اختيارين ۽ مختلف اهم شخصيتن سان ڪيترين ئي ملاقاتن ۾ ڳالهائيندي ڪيو . ناڻي وزارت طرفان ج??ري بيان مطابق سينيٽر محمد اورنگزيب آئي ايم ايف ۽ ٻين مالياتي ادارن تي زور ڀريو آهي ته ??هي ماحولياتي خطرن جو شڪار ملڪن جي مدد ۾ اضافو ڪن ۽ سماجي تحفظ جي قدمن کي پنهنجي امدادي فريم ورڪ ۾ شامل ڪن. ملاقات دوران هن قرضن جي ادائيگي ۾ آساني پيدا ڪرڻ ۽ رعايتي قرضن جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو . هن ڍوئچي بينڪ ۽ اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بينڪ سميت مختلف بينڪن جي وفدن سان ملاقاتون ڪيون . ناڻي وزير آئي ايم ايف ۽ ٻين مالياتي ادارن تي زور ڀريو ته هو ماحولياتي خطرن کي منهنن ڏيندڙ ملڪن لاءِ امداد ۾ اضافو ڪن ۽ پنهنجي امدادي فريم ورڪ ۾ سماجي تحفظ جا قدم شامل ڪن ته ??يئن انهن ملڪن کي معاشي بحالي ۾ مدد ملي سگهي . هن اها تجويز پيش ڪئي ته قرضن جي ادائيگي ۾ نرمي ڪئي وڃي ۽ رعايتي قرضن جي نظام کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي ته ??يئن مالياتي مشڪلاتن کي منهن ڏيندڙ ملڪن کي سهولت فراهم ڪري سگهجي ۽ هو ماحولياتي چئلينجز جو بهتر طريقي سان مقابلو ڪري سگهن . انهن قدمن جو مقصد مالياتي دٻاءَ کي گهٽائڻ ۽ پائيدار ترقي کي هٿي ڏيڻ ??هي.